هوم گرائونڊ باوجود پاڪستان کي لڳاتار ٻئي ٽيسٽ ۾ به شڪست

ملتان(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ انگلينڊ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچز جي سيريز جو ٻيو ميچ ملتان ۾ کيڏيو ويو جيڪو چوٿين ڏينهن تي ئي انگلينڊ 26 رنز تان کٽي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ ٻن ميچز تان برتري حاصل ڪري ورتي. پاڪستان جي بيٽنگ پهرين ٽيسٽ جيان هن ميچ ۾ ڌوڪو ڏنو ۽ نوجوان بالرز جي محنت تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. انگلينڊ پهرين اننگ ۾ 51.4 اوورز ۾ 281 رنز تي آل ائوٽ ٿي وئي هئي.مارڪ ووڊ 36 ۽ ڪپتان بين اسٽوڪس 30 رنز ڪري ٽاپ اسڪورر رهيا هئا. پاڪستان پاران ڊيبيو ڪندڙ ابرار احمد 7 ۽ زاهد محمود 3 وڪيتون ورتيون هيون. پاڪستان پهرين اننگ ۾ 202 تي آل آئوٽ ٿيو، بابراعظم 75 ۽ سعود شڪيل 63 رنز ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا. ٻئي اننگ ۾ انگلينڊ 275 تي آل آئوٽ ٿي وئي هئي ۽ پاڪستان کي ميچ کٽڻ لاءِ 355 جو ٽارگيٽ ڏنو هو. هيري بروڪ 108 ۽ بين ڊڪٽ 79 رنز اسڪور ڪيون هيون. ٻئي اننگ ۾ ابرار 4، زاهد محمود 3 ۽ محمد نواز هڪ وڪيٽ ورتي هئي. پاڪستان جي ٻئي اننگ ۾ سعود شڪيل 94 ، امام الحق 60، عبدالله شفيق 45 ۽ محمد نواز 45 رنز اسڪور ڪيون. مسٽري اسپنر ابرار احمد 4 چوڪن جي مدد سان 17 رنز ٺاهي پاڪستان جي کٽڻ جي اميد پيدا ڪئي پر سندس آئوٽ ٿيڻ بعد گيم سلو ٿي وئي ۽ 328 تي پاڪستان آل آئوٽ ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو