هي آخري احتجاج آهي، 24 نومبر واري فيصلي تي عمل ڪنداسين

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي وڪيل فيصل چوڌري موجب، عمران خان جو چوڻ آهي ته 24 نومبر تي احتجاج واري فيصلي تي عملدرآمد ڪنداسين. اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڪيل فيصل چوڌري جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني واضح ڪيو آهي ته 24 نومبر تي پنهنجي فيصلي تي عملدرآمد ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته کيس بدلو ناهي وٺڻو، عمران خان واضح ڪيو آهي ته اسان کي بدلي واري روايت ختم ڪرڻي پوندي.فيصل چوڌري جو چوڻ هو ته پارا چنار واقعي تي پي ٽي آءِ باني گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي، پي ٽي آءِ اڪيلي پارٽي آهي جنهن وٽ دهشتگردي جي خلاف پلان آهي. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته 24 نومبر تي اعلانيل احتجاج آخري احتجاج آهي، آئين موجب هر شهري کي اهو حق حاصل آهي هو پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ روڊن تي نڪري، سڀ پارٽيون شاهراهه دستور تي احتجاجي ريلي ڪڍنديون آهن. بابر اعواڻ چيو ته سرڪاري ملازم چون ٿا ته اسلام آباد ۾ ڪنهن کي داخل ٿيڻ نه ڏينداسين، سرڪاري ملازمن کي مشورو ڏيان ته هو پنهنجي نوڪري ڪن، ڌاڙا لڳي رهيا آهن، ٻيا ڏوهه ٿي رهيا آهن پر ان پاسي سندن ڌيان نه آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته هنن حڪومت آڏو ٽي مطالبا رکيا آهن، 26 هين آئيني ترميم جي واپسي، مينڊيٽ چوري خلاف ۽ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي آزاديءَ لاءِ احتجاج آهي، پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ تنظيمن کي چوڻ چاهيان ٿو ته حقن لاءِ سرينڊر نه ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان ڪنهن سان ڊيل نه ڪندو نه ٻاهر ويندو، اسان عوام جي ووٽ ذريعي جنگ کٽي چڪا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو