هڪ ارب ڊالر جي قسط تي اڳڀرائي، آءِ ايم ايف وفد پهچي ويو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف سان ست ارب ڊالر جي بيل آئوٽ پيڪيج جي تحت هڪ ارب ڊالر جي ٻئي قسط ملڻ جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي آهي، انهي سلسلي ۾ آءِ ايم ايف جو جائزه مشن سڀاڻي اسلام آباد پهچندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته وفد سان گڏ اقتصادي جائزه ڳالهيون 15 مارچ تائين جاري رهنديون. آءِ ايم ايف ۽ پاڪستاني اختيارين وچ ۾ پهرين مرحلي ۾ ٽيڪنيڪي ۽ ٻئي مرحلي ۾ پاليسي سطح تي ڳالهيون ڪيون وينديون.عالمي مالياتي اداري جو 9 رڪني وفد نيٿن پورٽر جي قيادت ۾ 2 هفتا پاڪستان ۾ قيام ڪندو. ڳالهين جي دوران وفد ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي لاءِ تجويزون به پيش ڪندو. جنهن سبب پگهاردار طبقي کي رليف ملڻ جو امڪان آهي. وفد جي ناڻي واري وزارت، توانائي، منصوبه بندي ۽ اسٽيٽ بينڪ سميت مختلف ادارن سان ڳالهيون شيڊول ٿيل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو