لاهور (ويب ڊيسڪ)جماعت اسلامي پاڪستان جي نائب امير لياقت بلوچ جو چوڻ آهي ته بجلي جي قيمت ۾ هڪ رپيو في يونٽ گهٽتائي صارفين سان مذاق آهي.لاهور مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ لياقت بلوچ چيو ته حڪومت بلوچستان جي صورتحال تي قومي ڪانفرنس سڏائڻ ۾ مجرمانه غفلت جو مرتڪب ٿي رهي آهي. گوادر ۾ مسافرن کي انهن جي سڃاڻپ جي بنياد تي قتل ڪرڻ مذمت جوڳو ۽ انسانيت سان وڏو ظلم آهي.هن چيو ته جماعت اسلامي 14 اپريل تي بلوچستان جي صورتحال تي هڪ قومي ڪانفرنس منعقد ڪندي.لياقت بلوچ جو چوڻ آهي ته وزيراعظم قرض ختم ڪرڻ بدران ان کي وڌائڻ لاءِ وڙهي رهيو آهي، جڏهن ته پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 6 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچي ويا آهن.
