بلاول پٺاڻ
عيدالفطر مسلمانن لاءِ هڪ روحاني ۽ سماجي جشن آهي، جيڪو رمضان جي برڪتن کان پوءِ ايندو آهي. هي ڏينهن محبت، ڀائپي ۽ خوشين جي ورهاست جو نالو آهي. هر ماڻهو چاهي ٿو ته عيد تي نوان ڪپڙا پهري، بهترين کاڌا تيار ڪري، ٻارن کي عيديون ڏئي ۽ پنهنجي پيارن سان گڏ هن لمحي کي يادگار بڻائي. پر جتي عيد خوشين جو پيغام کڻي ايندي آهي اتي مهانگائي جي ڪري عيد جي اچڻ سان ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ ڏک، فڪر ۽ بي وسي جا لمحات به پيدا ٿين ٿا. مهانگائي جو عذاب عام ماڻهن لاءِ عيد جي خوشين کي ڌنڌلو ڪري ڇڏيندو آهي، جتي جشن کان وڌيڪ فڪرن جي ڇانوَ هوندي آهي.
مارڪيٽن ۾ رش ته هر سال عيد جي موقعي تي نظر ايندي آهي پر ان رش جي اندر ڪيترا ئي اهڙا چهرا به هوندا آهن جيڪي صرف خريداري جو شوق پورو ڪرڻ لاءِ نڪتا هوندا آهن پر قيمتن جي بلندين سبب انهن جا هٿ خالي هوندا آهن. مهانگائي جو عالم هي آهي جو عام ماڻهو لاءِ نوان ڪپڙا وٺڻ، بهترين کاڌو مهيا ڪرڻ، ۽ ٻارن لاءِ رانديڪا وٺڻ به هڪ خواب بڻجي چڪو آهي. خاص طور تي مزدور طبقو، روزانو اجرت تي ڪم ڪندڙ، ۽ گهٽ آمدني وارا ماڻهو، جيڪي اڳ ۾ ئي زندگي جي بنيادي ضرورتن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، انهن لاءِ عيد جو ڏينهن به ٻين عام ڏينهن وانگر ٿيندو آهي—خالي، خاموش ۽ پريشاني سان ڀريل.
واپارين لاءِ عيد جا ڏهاڙا منافعو ڪمائڻ جو بهترين موقعو هوندا آهن ۽ هو به موقعي کي هٿان وڃڻ نٿا ڏين ڪپڙا، جوتا، کاڌي پيتي جون شيون ۽ ٻيون ضرورت جون شيون سڀ ڪجهه عام ماڻهن جي پهچ کان ٻاهر هليو وڃي ٿو. غريب طبقو دڪانن تي اچي ته ٿو، پر رڳو اگهه پڇي موٽي ٿو. ٻارن جي معصوم خواهشن جو به ساڳيو حال آهي. ٻار عيد تي رانديڪا، نوان ڪپڙا ۽ مٺايون گهرن ٿا پر سندن والدين انهن خواهشن کي پورو ڪرڻ کان قاصر آهن. انهن معصوم جذبن کي سمجهڻ سان گڏوگڏ مهانگائي جي بي رحم حقيقت به اسان جي سامهون اچي ٿي جيڪا انسان کي پنهنجي خوشين کان به محروم ڪري ڇڏي ٿي.
عيد جو اصل مفهوم صرف پنهنجو پاڻ کي خوش رکڻ نه پر ٻين سان به خوشيون ونڊڻ آهي. اسان جي معاشري ۾ اڃا به اهڙا ماڻهو آهن جيڪي پنهنجن وسيلن مان ڪجهه حصو انهن لاءِ ڪڍن ٿا جيڪي عيد جي خوشين کان محروم هوندا آهن. سماجي ڀلائيءَ جا ڪم ڪندڙ تنظيمون، خيراتي ادارا ۽ عام ماڻهو به پنهنجي وس آهر ضرورتمندن لاءِ مدد جو هٿ وڌائين ٿا. پر اهو اڃا به هڪ ننڍڙو حصو آهي جيڪو وڏي آبادي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ناڪافي آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي خرچن مان ٿورو حصو انهن لاءِ مخصوص ڪريون، جيڪي عيد تي به محرومي محسوس ڪن ٿا ته شايد اسين حقيقي معنيٰ ۾ عيد ملهائي سگهون.
حڪومت جو به اهو فرض آهي ته هو عيد کان اڳ عام استعمال جون شيون سستي ڪري، مهانگائي تي ضابطو آڻي ۽ گهٽ آمدني وارن لاءِ خاص پيڪيجز مهيا ڪري. جيڪڏهن حڪومت ۽ واپاري پنهنجون ذميواريون ايمانداري سان نڀائن ته شايد اها صورتحال ڪجهه بهتر ٿي سگهي. پر بدقسمتي سان هر سال عيد کان اڳ مهانگائي جو هڪ نئون طوفان ايندو آهي جيڪو عام ماڻهن جي خوشين کي مايوسين ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي.
عيد ته ايندي رهي ٿي، ويندي رهي ٿي پر هر سال انهن ماڻهن لاءِ عيد جي خوشي گهٽجندي وڃي ٿي جيڪي مالي مشڪلاتن جو شڪار هوندا آهن. اسان کي سوچڻ گهرجي ته ڇا عيد صرف انهن لاءِ آهي، جيڪي مالي طور تي سگهارا آهن؟ ڇا عام مزدور، گهٽ آمدني وارا ماڻهو يا بيواهه عورتون ۽ يتيم ٻار ان خوشي جا حقدار ناهن؟ جيڪڏهن اسان جي خوشين جو دارومدار صرف پنهنجي فائدي، پنهنجي خاندان ۽ پنهنجي گهر تائين محدود ٿي وڃي ته پوءِ اها عيد نه، بس هڪ رواجي ڏينهن ئي آهي جنهن تي اسان رڳو رسمن کي نڀائيندا آهيون.
اسان کي گهرجي ته عيد جي حقيقي معني کي سمجھون ۽ ان کي پنهنجي ذات تائين محدود نه رکون. جيڪڏهن اسان پنهنجي چوڌاري نظر ڦيرايون ته اسان کي ڪيترائي اهڙا ماڻهو نظر ايندا جيڪي عيد جي خوشين کان وانجهيل آهن. جيڪڏهن اسين انهن جي مدد ڪريون ته اسان جي خوشين ۾ واڌارو ٿيندو، ڇو ته اصل خوشي ته ان ۾ آهي ته اسان جو ڪو قدم ڪنهن ٻئي جي چهري تي مرڪ وٺي اچي. عيد جو حقيقي جشن تڏهن ٿيندو، جڏهن هر ماڻهو بنا ڪنهن فرق جي انهيءَ خوشيءَ ۾ شامل ٿي سگهي.
