صوابي(ويب ڊيسڪ) صوابي جي علائقي يار حسين ۾ والد پنهنجي 4 ٻارن کي ڪهي پاڻ به خود ڪشي ڪري ڇڏي. ٻارن جي عمر 2 کان 12 سالن تائين آهي جن ۾ ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون شامل آهن. جوابدار سيف الاسلام پيشي جي لحاظ کان درزي هو ۽ گهريلو اڻبڻت سبب پريشان هو. سندس گهرواري ٻارن کي ڇڏي ڪاوڙجي ميڪي هلي وئي هيس. ريسڪيو جي عملي اطلاع ملڻ تي خميس تي صبح جو لاش هٿ ڪري اسپتال پهچايا.
