والي بال ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ لاڙڪاڻو ٽيم سوڀاري

پکو(عبدالوحيد ميئو) نئين سال جي آمد جي سلسلي ۾ 3 روزه ضلعي سطح جي لٽل والي بال ٽورنامينٽ  منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ لاڙڪاڻي ۽ قمبر ضلعن جي مختلف علائقن نئون ڳوٺ، حاصلا، ٻير شريف، پکو ۽ لاڙڪاڻي جي 8 والي بال ٽيمن حصو ورتو، جڏهن ته ٽورنامينٽ جي فائنل ميچ ڏسڻ لاءِ علائقي جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن توڙي معززين ۽ والي بال راند جي شوقينن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. فائنل ۾ لاڙڪاڻو ٽيم ۽ ٻير شريف ٽيمن وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو. مئچ جي شروعاتي ھاف ۾ ٻير شريف ٽيم جي عابد تونيو بھترين راند جو مظاھرو ڪندي 20 ، 15 تان برتري حاصل ڪري ورتي جڏھن ته راند جي ٻئي ھاف ۾ لاڙڪاڻي ٽيم جي مختيار عرف  ٽائيگر مخالف ٽيم جي رانديگرن تي مسلسل والين سان حملو ڪري فائنل ھاف گرفت مضبوط ڪندي پنھنجي ٽيم کي 18 ، 20 اسڪور تان ڪاميابي ڏياري فائنل رائونڊ کٽي ٽيم کي فتح ڏياري اھڙي طرح لاڙڪاڻي ٽيم جو اسڪور وڌيڪ ھجڻ تي فائنل جي فاتح ٽيم قرار ڏنو ويو.

مئچ جو فائنل رائونڊ کٽڻ تي لاڙڪاڻو ٽيم جي ڪپتان خليل بروھي کي مھمان خاص ڊاڪٽر اڪرم خشڪ ميڊل انعام ڏنو جڏھن ته فائنل مئچ ھارائيندڙ ٽيم جي ڪپتان عابد تونيو کي نوجوان ليکڪ پيار علي چانڊيو رنر انعام طور ميڊل ڏنو. ان موقعي تي ٽورنامينٽ آرگنائيزر شاھنواز کونھارو ٻڌايو ته والي بال راند جو ساليانو ايونٽ جو انعقاد ڪري قمبر ۽ لاڙڪاڻو ضلعن جي مشھور ٽيمن کي شامل ڪيو ويو ايونٽ ڪرائڻ جو مقصد ٻھراڙين جي رانديگرن جي حوصلا افزائي ڪري کين اڳتي آڻڻ آھي قابليت جي حساب سان کين ضلعي سطح تي متعارف ڪرايو ويندو. ھن سال به سٺن رانديگرن جي نشاندھي ڪرڻ لاءِايونٽ جو انتظام ڪيو ويو آھي جنھن ۾ ٽيلينٽ رانديگرن جي چونڊ ڪئي ويندي. ھن وڌيڪ چيو ته ٻوسٽ واري دور ۾ رانديون ٿيڻ گهرجن پر افسوس حڪومت پاران راندين جي معاملي ۾ نوجوانن لاءِ ڪي به سهولتون ميسر ناھن.

پهنجو تبصرو موڪليو