روهڙي (امان الله سومرو) سماجي تنظيم روشن آباد ويلفيئر سوسائٽي طرفان ھڪ ڏينھن وارو والي بال ٽورنامينٽ منعقد ڪيو ويو. جنھن ۾ مختلف علائقن جي ٽيمن حصو ورتو ۽ فائنل مقابلو خيرپور ۽ چڪ جي ٽيمن وچ ۾ ٿيو. دلچسپ مقابلي جي نتيجي ۾ چڪ جي ٽيم فائنل ميچ کٽي ڪري ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪيو. ٽورنامينٽ ۾ آيل مھمان خاص ڪنڌرا جي سياسي سماجي اڳواڻ ضياءُ رحمان ٻرڙو فائنل ميچ ڏسڻ لاءِ آيل شوقينن ۽ رانديگرن کي خطاب ڪندي چيو ته ھن دور ۾ صحت مند سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ ۽ نوجوان نسل کي سماجي براين کان پري رکڻ لاءِ راندين طرف ڌيان ڏيڻ تمام بهترين قدم آهي ان سان نوجوان رانديگرن جي حوصله افزائي ٿئي ٿي. هن فاتح ٽيم ۽ رنراپ ٽيم ۾ نقد انعام پڻ ورھايا. ان موقعي تي ٽورنامينٽ جي آرگنائزر مجاهد جمالي ۽ غلام مرتضي سھتو مھمان خاص کي سنڌ جي سوکـڙي اجرڪ پھرايو جڏهن ته فائنل ميچ ۾ پھچڻ واري ٽيمن جي ڪپتانن کي پڻ اجرڪ پھرايو ويو. ان موقعي تي روشن آباد ويلفيئر سوسائٽي جي چيئرمين نزاڪت حسين ميتلو سينيئرصحافي منظور بيدار ٻرڙو ساجد حسين گھانگھرو ۽ ويلفيئرجا رضاڪار پڻ موجود هئا.
پاڪستان مان پوليو وائرس جو خاتمو هڪ خواب بڻيل
آئيني بئنچ جي مدي ۾ 6 مهينا واڌ، جڊيشل ڪميشن رولز جي به منظوري
پوليو ٽيم تي حملي ۾ ملوث 6 جوابدارن جي ضمانت منظور
جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جا 2 جوابدار اڊيالا جيل منتقل
پي ٽي آءِ قيدين کي ڏنل سزائون انصاف جي اصولن جي خلاف آهن
مدرسن رجسٽريشن بابت اتحاد تنظيم مدرسن جا مطالبا منظور
آفيسر کي ترقي نه ڏيڻ جو فيصلو ڪالعدم،غور جي هدايت
راجگال ۾ فتنا خوارج جي دراندازي ناڪام، 4 خارجي مارجي ويا
انسانيت جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائينداسين
بلوچستان، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 48 ٽريفڪ حادثا
باصلاحيت نوجوانن کي 50 هزار نوڪريون به نه پيون ملن
47 سيڪڙو ٽيڪس عوام جي مفادن تي خرچ ٿيندو نظر نٿو اچي، سروي
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽيون ۽ آخري ون ڊي ميچ سڀاڻي ٿيندو
ڀارت مان اسلام آباد پهچندڙ فرانسيسي شهري وٽان منشيات هٿ
ڪاميڊي نائٽس ود ڪپل ۾ ڪم ڪرڻ زندگي جي وڏي غلطي هئي
9 مئي سانحي ۾ ملوث 25 ڏوهارين کي 10 سال قيد بامشقت سزا
بشرا بي بي جي 32 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور
ڪرم ۾ بنڪر ڪيرائڻ ۽ هٿيار جمع بعد رستا کوليا ويندا: سيف
جڊيشل ڪميشن جي اجلاس کان اڳ جسٽس منصور جو ٻيو خط
سرجاني ۾ پوليو ورڪر جي سامهون ننگي حالت ۾ ايندڙ شخص گرفتار