واهي پانڌي ۾ ٻن ڌرين جي فائرنگ، عورت قتل، لاش رکي ڌرڻو

دادو:(ن س) واهي پانڌي ڀرسان لاشاري ۽ برهماڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان رات کان هلندڙ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ عورت نظيران زال اصغر برهماڻي قتل ٿي وئي، پوليس واقعي واري هنڌ نه پهچي سگهي.رپورٽ موجب واهي پانڌي ۾ ٻچن جي خوشين جا خواب اکين ۾ سجائي ڏينهن ڳڻيندڙ عورت کي هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. مقتول عورت جي پٽ جي ٻن ڏينهن کان پوءِ شادي ٿيڻي هئي جيڪا هاڻ ماتم ۾ تبديل ٿي وئي. مقتول امڙ مسجد ۾ دعا گهرڻ لاءِ وئي ته خير سان سندس پٽ لانئون لهي، جيڪا مسجد کان ٻاهر نڪرڻ سان ئي گولين جو کاڄ بڻجي وئي.مقتول عورت جي وارثن سندس لاش انڊس هاءِ وي دادو تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. وارثن الزام هڻندي چيو ته ايس ايس پي دادو ۽ ڊي ايس پي جوهي کي ڪيترائي ڀيرا اطلاع ڪيوسين پر انتظاميه ڪنهن به قسم جو تحرڪ نه ورتو ويو. تنهن ڪري جاني نقصان ٿيو. علائقي ۾ خوف حراس پکرجي ويو. فائرنگ سبب وڌيڪ جانيون ضايع ٿيڻ جو امڪان آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو