واهپيدارن لاءِ مفت سروس” واٽس ايپ“ پئسا ڪيئن ڪمائي ٿي؟

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)ڇا اوهان به جڳ مشهور پيغام رسائيندڙ ايپ واٽس ايپ کي رڳو هڪ مفت سروس سمجهو ٿا؟ اِها حقيقت آهي ته واٽس ايپ دنيا جي مقبول ترين ميسجنگ ايپس منجهان هڪ آهي جيڪي پنهنجي واهپيدارن کي مفت سروس فراهم ڪنديون آهن پر ايپ جي بنيادي ڪمپني Meta Platforms Inc طرفان پليٽ فارم تان رقم ڪمائڻ لاءِ مختلف حڪمت عملي تيار وئي آهي.
واٽس ايپ اوهان جي ذريعي ڪيئن پئسا ڪمائي سگهي ٿو؟
واٽس ايپ جي براڊڪاسٽ، واٽس ايپ سپورٽ ۽ ايستائين جو آٽوميشن جهڙيون خاصيتون ڪاروباري ماڻهن کي وڌيڪ ڪسٽمرز تائين پهچ ۽ تجربي کي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون.
پر اچو ته اِهو ڄاڻيون ته واٽس لاءِ پنهنجي آمدني ڪيئن ممڪن آهي؟
واٽس ايپ بزنس اي پي آءِ
واٽس ايپ بزنس اي پي آءِ واٽس ايپ تي ڪاروباري واهپيدارن لاءِ هڪ اهم چونڊ آهي، جنهن کي وچولي درجي کان وڏن ڪاروباري ادارن لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪاروباري شخصيتون وڏي پئماني تي پنهنجن ڪسٽمرز سان رابطو قائم ڪري سگهن.
واٽس ايپ بزنس اي پي آءِ ڪاروباري شخصيتن سان چويهه ڪلاڪن جي مدت دوران واهپيدارن سان ٿيل ڳالهه ٻولهه جي انگ جي بنياد تي چارج ڪندي آهي ۽ واٽس ايپ جي آمدني ۾ پنهنجو حصو وجهندي آهي.
ڪلڪ ٽو واٽس ايپ ايڊز
فيسبوڪ ۽ انسٽاگرام تي وڏي پئماني تي ٿيل ايڊورٽائزنگ کي هڪ ڪلڪ ٽو واٽس ايپ ايڊ ذريعي واٽس ايپ تائين هٿي ڏئي سگهجي ٿي، اِهي اشتهار ڪسٽمرز کي واٽس ايپ تي سڌي ريت ڪاروباري ماڻهن سان رابطي لاءِ ترغيب ڏيندا، اشتهارن ذريعي ڪاروباري شخصيتون پنهنجن ڪسٽمرز جي انگ ۾ اضافو ڪري سگهن ٿيون.
واٽس ايپ پَي
واٽس ايپ تي ادائيگي جي سهولت في الحال ڀارت ۽ برازيل جهڙين چونڊ مارڪيٽن لاءِ متعارف ڪرائي وئي آهي پر مستقبل ۾ واٽس ايپ جي مختلف ملڪن جا واهپيدار به سروس مان لاڀ حاصل ڪري سگهندا.
واٽس ايپ پَي ذريعي واهپيدارن ايپ ذريعي سڌي ريت رقم اُماڻي سگهن ٿا پر واٽس ايپ هر ٽرانزيڪشن تي ڪميشن ڪمائيندو آهي.
مستقبل جي اشتهارن لاءِ رٿابندي
مستقبل ۾ ميٽا واٽس ايپ جي اسٽيٽس سيڪشن ۾ اشتهار متعارف ڪرائڻ جو ارادو رکي ٿو ڇو ته انسٽاگرام اسٽوريز ايڊورٽائزمنٽ، مستقبل جي رٿابندي تحت واٽس ايپ واهپيدارن لاءِ ٽارگيٽڊ اشتهارن وسيلي واٽس ايپ جي وسيع يوزر بيس کي استعمال ڪندي آمدني جو هڪ نئون سلسلو پنهنجي لاءِ شروع ڪري سگهي ٿو.
جيتوڻيڪ اِهو منصوبو مڪمل طور تي شروع نه ناهي ڪيو ويو پر اِهو واٽس ايپ تي وڌيڪ اشتهار ذريعي هلندڙ ريونيو ماڊل طرف امڪاني تبديلي جي نمائندگي ڪري ٿو.
يوزر ڊيٽا
جيتوڻيڪ واٽس ايپ ميسجز کي اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن ذريعي محفوظ بڻايو ويو آهي پر واٽس ايپ پي ذريعي ڪانٽيڪٽ لسٽ ۽ ڏيتي ليتي جا تفصيل ۽ اشتهاري حڪمت عملين کي بهتر بڻائڻ لاءِ واٽس ايپ صارف جي ڊيٽا کي استعمال ڪري سگهي ٿو، اهڙي ريت اشتهاري هدف کي بهتر بڻائڻ ۽ ميٽا جي ٻين پليٽ فارمز تي واهپيدار جي تجربي کي بهتر بڻائڻ ۾مددگار ثابت ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو