ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي نئين انتظاميا پاران بهترين حڪمت عملي بھرپور ڪوششن ۽ ڏينهن رات محنت کانپوءِ واٽر ڪارپوريشن هڪ ٻئي اھم ڪاميابي ماڻيندي اداري جي ماهوار آمدني ۾ 65 سيڪڙو اضافو ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ واٽر ڪارپوريشن جي ماهوار آمدني 1.86 ارب روپين کان وڌي ويئي آهي جيڪا واٽر ڪارپوريشن جي تاريخ ۾ ريڪارڊ واڌ آهي ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد پاران سيپٽمبر 2022 ۾ پنھنجو عهدو سنڀالڻ کان اڳ واٽر ڪارپوريشن جي ماهوار آمدني رڳو هڪ ارب 10 ڪروڙ رپيا هئي جيڪا هن وقت هڪ ارب 86 ڪروڙ روپين کان وڌي ويئي آهي ترجمان جو چوڻ هو تہ واٽر ڪارپوريشن ۾ جديد سڌارن ۽ سمورن آفيسرن ۽ ملازمن جي بهتر ڪارڪردگي سميت نئين انتظاميا جي بھرپور ڪوششن ڏينهن رات محنت ۽ بهترين حڪمت عملي سبب ٻن سالن جي مختصر عرصي ۾ واٽر ڪارپوريشن جي ماهوار آمدني ۾ 76 ڪروڙ روپين جو ريڪارڊ اضافو ٿيو آهي جيڪا واٽر ڪارپوريشن جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ آمدني آهي ان موقعي تي سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد واٽر ڪارپوريشن ريڪارڊ آمدني ڪرڻ تي سمورن آفيسرن ۽ ملازمن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو تہ اداري جي آمدني بهتر ٿيڻ جو فائدو نہ رڳو واٽر ڪارپوريشن کي ٿيندو بلڪه آمدني ۾ واڌ سان ملازمن سان گڏوگڏ شهرين کي بہ گھڻو فائدو ٿيندو ڇاڪاڻ تہ اداري جي آمدني بهتر ھوندي تہ شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي واري نظام ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگهجي ٿي ۽ جاري سمورا منصوبا وقت تي مڪمل ڪري سگهجن ٿا هن ان ڳالھ تي زور ڏنو تہ ايندڙ وقت ۾ واٽر ڪارپوريشن جي آمدني ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کنيا ويندا ۽ اسين سڀئي گڏجي ڪري واٽر ڪارپوريشن کي مثالي ادارو بڻائڻ ۾ ڪا بہ ڪسر نہ ڇڏينداسين ڇاڪاڻ تہ شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي ترجمان واٽر ڪارپوريشن سمورن صارفين کي درخواست ڪندي چيو تہ اهي پنهنجا ماهوار بل ۽ بقايائون وقت تي جمع ڪرائين تہ جيئن کين پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون بهتر سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
عمران خان 24 نومبر تي ملڪ اندر ۽ ٻاهر احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو
ويلڪم ٽو وائيٽ هائوس، ڊونلڊ ٽرمپ جي جو بائيڊن سان ملاقات
مني بجيٽ نه ايندي، ٽيڪس حدف 12 هزار 970 ارب برقرار رهندو
سنڌ حڪومت پاران “ٽرانس جينڊر ايجوڪيشن پاليسي” منظور
اسسٽنٽ ڪمشنر هاظم بنگوار جي تبديلي جو نوٽيفڪيشن معطل
مطالبن جي منظوري تائين اسلام آباد مان واپس نه وينداسين
مراد شاهه سان قيصر شيخ جي ملاقات، سامونڊي مسئلن تي ڳالهيون
ارسا ايڪٽ رد،سنڌو درياءَ تي ڪئنال ٺاهڻ جو منصوبو قبول ناهي
آءِ ايم ايف اختياريون بسپ جي ڪارڪردگي مان مطمئن
ٻوڏ سبب 60 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو،واعدن تي عمل ٿيڻ گهرجي: وزيراعظم
پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ غير اخلاقي ويب سائيٽن تائين رسائي جو انڪشاف
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 85 پئسا ٿي ويو
شاهه ڪوٽ ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، 3 دهشتگرد مارجي ويا
گمبٽ ڀرسان نوجوان سولر لائٽ جي پول تان ڪـِري فوت ٿي ويو
سجاول جوڻيجو ۾ مبينا ڪارنھن الزام ھيٺ گهر واري ۽ نوجوان قتل
سوڀوديرو ويجهو نوجوان غربت کان تنگ اچي آپگهات ڪري ڇڏيو
ڪنب ۾ ڪارروائي سوپاريون وڪرو ڪندڙ جوابدار گرفتار
اليڪشن ٽربيونل جي تبديلي واري فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج
سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جو حملو، ماءُ پٽ قتل، 2 ڄڻا زخمي
پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ٿيڻ جو امڪان