واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو واٽس ايپ ذريعي هڪٻئي سان رابطي ۾ رهن ٿا ۽ هاڻي عام فون ڪالز بدران به واٽس ايپ تي ڪالز ڪرڻ وارو لاڙو وڌي رهيو آهي.واٽس ايپ تي اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن کانپوءِ ڪيترائي ماڻهو تصويرون ۽ وڊيوز موڪلڻ لاءِ به ان تي ڀاڙڻ لڳا آهن، پر ان سبب ذاتي تصويرون به گيلري ۾ ظاهر ٿيڻ لڳن ٿيون.جڏهن ڪو به واٽس ايپ تان وڊيو يا تصوير ڊائونلوڊ ڪري ٿو ته اها پاڻمرادو گيلريءَ ۾ محفوظ ٿي وڃي ٿي.جيڪڏهن توهان نٿا چاهيو ته واٽس ايپ تان ڊائونلوڊ ٿيل تصويرون ۽ وڊيوز پاڻمرادو گيلري ۾ محفوظ ٿين ته ان لاءِ ڪجهه سيٽنگز ۾ ڦيرڦار ڪرڻي پوندي.ان لاءِ واٽس ايپ جي سيٽنگز ۾ وڃي چيٽس جو چونڊ ڪريو ۽ هتي موجود media visibility آپشن کي آف ڪريو. اِها تبديلي اڳواٽ ڊائونلوڊ ٿيل تصويرن ۽ وڊيوز تي اثرانداز نه ٿيندي.جيڪڏهن توهان ٻيهر آٽوميٽڪ ميڊيا ڊائونلوڊ کي فعال ڪرڻ چاهيو ته آف ڪيل فيچر کي ڪنهن به وقت ٻيهر آن ڪري سگهو ٿا، جنهن کانپوءِ تصويرون ۽ وڊيوز ٻيهر گيلريءَ ۾ نظر اچڻ لڳنديون.ان سيٽنگ کي تبديل ڪرڻ سان مخصوص چيٽس يا گروپس تي اڳ ۾ ٿيل آٽوميٽڪ ڊائونلوڊ تي ڪو به اثر نه پوندو.ان کانسواءِ پر توهان هي فيچر ڪنهن هڪ نمبر يا گروپ چيٽ لاءِ به استعمال ڪري سگهو ٿا.
