واٽس ايپ تي ٺڳن ۽ دوکيبازن کان بچڻ جو طريقو ڄاڻيو

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)ميٽا جي ملڪيت جڳ مشهور پيغام رسائيندڙ ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي واهپيدارن کي تصويرن ۾ ايڊيٽنگ ذريعي ملندڙ دوکي ۽ جعلسازين کان بچائڻ لاءِ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. سڄي دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو پنهنجي دوستن ۽ گهرڀاتين سان رابطي لاءِ واٽس ايپ جي چونڊ ڪندا آهن جنهن سبب سائبر ڏوهاري ۽ ٺڳ واٽس ايپ ذريعي ماڻهن کي نشانو بڻائن جي ڪوشش ڪندا آهن، پر هاڻ واٽس ايپ تي هڪ اهڙو سيڪيورٽي فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي جيڪو ان خطري کان واهپيدارن کي تحفظ فراهم ڪندو.ٽيڪنالوجي ويب سائيٽ موجب، واٽس ايپ پنهنجي واهپيدارن جي سولائيءَ لاءِ ” سرچ“ نالي فيچر متعارف ڪرايو آهي جنهن ذريعي واهپيدار مختلف ڪانٽيڪٽ وٽان موصول ٿيندڙ تصويرن جي گوگل تي ڇنڊڇاڻ ڪري سگهندا. واٽس ايپ جو نئون فيچر في الحال اينڊرائيڊ 2.24.21.31 اَپ ڊيٽ طور واٽس ايپ بيٽا واهپيدارن لاءِ دستياب آهي. نئين فيچر ۾ ڪهڙيون خاصيتون آهن؟” سرچ “ نالي فيچر واهپيدارن کي ڪنهن ڪانٽيڪٽس طرفان موصول ٿيل تصوير جي جعلي يا اصلي هئڻ جي نشاندهي ۾ مدد ڏيندو ته جيئن ڪو به واهپيدار اهڙين تصويرن ذريعي ملندڙ دوکي کان محفوظ رهي سگهي.مثال طور اوهان کي پنهنجي ڪنهن ڪانٽيڪٽ طرفان تصوير موصول ٿي سگهي ٿي جنهن ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي هجي يا اِها تصوير ئي جعلي هجي ته اوهان گوگل سرچ ذريعي ان جي تصديق ڪري سگهو ٿا.
نئون فيچر ڪم ڪيئن ڪندو؟
ويب بيٽا انفو موجب، جڏهن ڪو واهپيدار حاصل ٿيندڙ ڪنهن تصوير بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهيندو ته اِهو فيچر ان تصوير کي واٽس ايپ تي شيئر ڪرڻ کانسواءِ ڳولا لاءِ گوگل تي اَپ لوڊ ڪري ڇڏيندو اهڙي ريت واهپيدار کي اِهو ڄاڻڻ جو موقعو ملندو ته جيڪا تصوير کيس موصول ٿي آهي اِها ڪيتري حد تائين مستند آهي.واهپيدار هن فيچر ذريعي غلط ڄاڻ پکيڙيندڙ تصويرن ۽ انهن ذريعي ملندڙ دوکي جي نشاندهي ڪري سگهندا، ان کانسواءِ فيچر ذريعي واهپيدار فارورڊ يا وري سڌي ريت موڪليل هر قسم جي تصويرن جي نشاندهي ڪري سگهندا.ميڊيا رپورٽ موجب، اِهو فيچر واهيپدارن کي لنڪس جي گوگل سرچ جي به اجازت ڏيندو ته جيئن کين اِهو ڄاڻڻ جو موقعو ملي سگهي جنهن لنڪ تي هو ڪلڪ ڪرڻ وارا آهن اِها ڪيتري حد تائين مستند آهي.اِهو فيچر اهڙن واهپيدارن لاءِ انتهائي ڪارائتو ثابت ٿيندو جن کي اهڙيون لنڪس وڌيڪ موصول ٿينديون آهن جيڪي ڪيئي ڀيرا فارورڊ ڪيون وينديون ڇو ته اهڙين لنڪس جي نقصانڪار هجڻ جو امڪان وڌيڪ هوندو آهي.واٽس ايپ تي موصول ٿيندڙ لنڪس کي گوگل سرچ جي اجازت رڳو فارورڊ ڪيل پيغامن لاءِ دستياب آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو