نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)جڳ مشهور پيغام رسائيندڙ ايپ واٽس ايپ ۾ اگيومينٽڊ رئيلٽي ( اي آءِ ) ٽيڪنالوجي تي ٻڌل فيچرن ذريعي وڊيو ڪالنگ جي تجربي کي وڌيڪ بهتر بڻايو پيو وڃي.ان اَپ ڊيٽ جو مقصد واهپيدارن کي وڊيو ڪالز ۾ ڪيئي انٽر ايڪٽيو آپشنز فراهم ڪرڻ آهي.ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، واٽس ايپ جي آءِ او ايس ڊيوائسز جي نئين بيٽا ورزن ۾ اي آر ڪال ايفيڪٽس ۽ فلٽرز جو واڌارو ڪيو ويو آهي.رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آءِ او ايس واهپيدارن کي نئين اي آر فيچرز تائين پهچ ڏني پئي وڃي، جن ۾ هڪ فيچر ڊائنامِڪ فيشل فلٽر جو آهي جنهن کي وڊيو ڪالز دوران استعمال ڪري واهپيدار پنهنجي شخصيت کي مختلف انداز سان پيش ڪري سگهندا.اهڙي ريت هڪ بيڪ گرائونڊ ايڊيٽنگ ٽول آهي جنهن ذريعي وڊيو ڪالز دوران ڀرپاسي جي ماحول کي بِلر ڪري سگهجي ٿو يا وري اڳواٽ ٺهيل بيڪ گرائونڊ ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو.هڪ لو لائيٽ موڊ سيٽنگ به متعارف ڪرائي وئي آهي جنهن ذريعي اهڙي جاين تي وڊيو ڪالز جو معيار بهتر ٿيندو جتي خراب روشني هئڻ سبب ڏکيائيون پيش اينديون آهن.ان کانسواءِ هڪ ٽچ موڊ ٽول به ميٽا جي پيغام رسائيندڙ ايپ جو حصو بڻيو آهي جيڪو وڊيو ڪالز دوران واهپيدار جي شخصيت کي بهتر بڻائي پيش ڪندو.مٿي ڄاڻايل سمورين سيٽنگز ۾واهپيدار طرفان ڪيل ڦيرڦار واٽس ايپ محفوظ ڪري وٺندو جنهن کانپوءِ انهن کي هر ڪال تي بدلائڻ جي ضرورت محسوس نه ٿيندي.جئين مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته اِهي فيچرز في الحال بيٽا ورزن جو حصو آهن ۽ سمورن واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرائڻ ۾ ٿورو وقت لڳندو.
شهرين جي آزادي تي ڪو سمجهوتو نه ٿو ڪري سگهجي: سنڌ هاءِ ڪورٽ
ايڪسچينج جو پهريون سيشن، انڊيڪس رڪارڊ حدر پار
آءِ سي سي وفد جي نقوي سان ملاقات،انتظامن تي اعتماد
گورنر سنڌ 2 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ترڪي روانو
سپريم ڪورٽ ترميمي پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس منظور
اسپيڪر خط،پارٽي پوزيشن تبديل، پي ٽي آءِ ميمبر سني اتحاد جو حصو
پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت نه ڏيڻ واري درخواست رد
جج عمران خان کي جلد سزا ڏيڻ ٿو چاهي: عليمه خان
اسٽاڪ مارڪيٽ 82 هزار جي تاريخي حد پار ڪري ورتي
اليڪشن ڪمشنر سنڌ سميت 3 آفيسر نااهلي ۽ بدانتظامي تي معطل
اڄ کان ڪهڙن نالن وارن لاءِ سٺو وقت شروع ٿيندو؟
انڊسٽري ۾ منهنجا وار مسئلو بڻيل آهن: اداڪارا نعيما بٽ
شھيد مير مرتضى ڀٽي جو قتل ڪيس رولڙي جو شڪار
سنڌيار ڪراچي 20 سپيٽمبر 2024ع
سنڌيار سکر 20 سپيٽمبر 2024ع
ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف اسمبليءَ رٿ منظور ڪري واضح موقف ڏنو
ملڪ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ سان مسئلا حل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي
شاهزيب رند ڪراٽي ڪامبيٽ جو عالمي چيمپئن بڻجي ويو
مخصوص سيٽن جو معاملو حل ڪيو وڃي، اسپيڪر جو ڪميشن کي خط
جيڪڏهن آئيني ترميمي بل پاس ٿي وڃي ها ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳي وڃي ها