نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)ميٽا پاران واٽس ايپ چينلز لاءِ 2024ع جي پهرين وڏي اپ ڊيٽ ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته واٽس اپ چينلز جو فيچر جون 2023 ۾ متعارف ڪرايو هو، جيڪو شروعات ۾ ڪجهه ملڪن تائين محدود هو، پر سيپٽمبر ۾ ان کي پاڪستان سميت سڄي دنيا جي صارفين لاءِ پيش ڪيو ويو هو.واهپيدار واٽس ايپ چينلز ذريعي پنهنجي پسنديده شخصيتن، راندين ۽ ٻين عنوانن جون اپ ڊيٽس حاصل ڪري سگهن ٿا.نومبر ۾ ميٽا جي سي اي او مارڪ زڪربرگ چيو هو ته واٽس ايپ چينل استعمال ڪندڙ ماڻهن جو انگ رڳو 7 هفتن ۾ 500 ملين کان وڌي ويو آهي. واٽس ايپ چينلز جي مقبوليت کي نظر ۾ رکندي ميٽا ان ۾ وڌيڪ فيچرز شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ميٽا پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته واٽس ايپ چينلز ۾ وائس نوٽس، پولز ۽ اضافي ايڊمنس جهڙا فيچر شامل ڪيا پيا وڃن. بيان موجب هاڻي واٽس اپ چينل آپريٽرز پنهنجي فالورز سان وائس اپڊيٽ شيئر ڪري سگهندا، جنهن سان مصروفيتن جا منٽ به وڌندا.ڪمپني موجب واٽس اپ استعمال ڪندڙن پاران روزانو 7 ارب وائس پيغام موڪليا ويندا آهن.اهڙي طرح واٽس ايپ چينلز تي مختلف موضوعن تي پولز ڪرائڻ جو آپشن به شامل ڪيو پيو وڃي.في الحال صارف صرف چينلز ۾ ايموجيز ذريعي پنهنجا ردعمل ظاهر ڪري سگهن ٿا. هڪ ٻيو نئون فيچر چينل اپ ڊيٽس کي واٽس ايپ اسٽيٽس ۾ شيئر ڪرڻ جو اهي. هي فيچر چينل ايڊمن کي پنهنجي چينل کي پروموٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. ميٽا موجب هاڻي هڪ چينل کي هلائڻ لاءِ 15 ايڊمن کي شامل ڪرڻ ممڪن ٿيندو، جنهن سان صارفين سان اپڊيٽ شيئر ڪرڻ جو عمل تيز ٿي ويندو.
سياست جو حقيقي مفهوم ۽ اسان جي ملڪ جي سياست
سنڌيار سکر 19 سيپٽمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 19 سيپٽمبر 2024ع
فوڊ اٿارٽي جون ڪاروايون،466 ڇاپن دوران دڪان،بيڪريون سيل ،ڏنڊ
نمبر پليٽس جي لاءِ آن لائن ٻولي ڏيڻ وارو عمل جلد شروع ڪيو ويندو
بلاول سان پ پ لائرز فورم جي ملاقات،آئيني ترميمن بابت بحث
آئيني ترميم تي حڪومت جو تيار ڪيل مسودو مڪمل طور تي رد ڪيو
190 ملين پائونڊ ڪيس، ٽرائل ڪورٽ کي حتمي فيصلو نه ٻڌائڻ جو حڪم
جي يو آءِ انٽرا پارٽي ڪيس، 2 مهينن جو وقت گهرڻ تي فيصلو محفوظ
سي ٽي ڊي مقابلو، 3 دهشتگرد پنهنجن ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا
جماعت اسلامي پاران 50 رپيا في لٽر پيٽرول گهٽ ڪرڻ جي گهر
واهي پانڌي ۾ ٻن ڌرين جي فائرنگ، عورت قتل، لاش رکي ڌرڻو
آرمي چيف ۽ ججز جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ نه ٿيڻ گهرجي
سينيٽ مڪمل ناهي، ترميمون ڪيئن منظور ٿينديون؟ خان
ڪراچي جي روڊن جي مرمت لاءِ اڍائي ارب رپين جي منظوري
سيڪيورٽي مسئلو آهي ته ڪراچي ۾ جلسن تي پابندي لڳايو
لاهور جلسي جون تياريون جاري آهن: گنڊاپور
پنجاب واسين سان دوکو،سنگل فيز ميٽر وارن کي بجلي رعايت ملڻ لڳي
پاڪستاني بيلسٽڪ ميزائل پروگرام جي حمايت نه ڪنداسين: آمريڪا
ايڪسچينج ۾ تيزي، انڊيڪس ۾ 542 پوائنٽس جو اضافو