نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)واٽس ايپ سڄي دنيا ۾سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ ميسجنگ پليٽ فارم آهي جنهن ذريعي واهپيدار روزانو ڪروڙين پيغام هڪٻئي ڏانهن اُماڻيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اسان تڙتڪڙ ۾ دوستن جا اهم پيغام يا وري سندن پوري چيٽ هسٽري ئي ڊليٽ ڪري ڇڏيندا آهيون ۽ وري سندن پيغام ٻيهر ري اسٽور ڪرڻ جا خواهشمند هوندا آهيون. خوش قسمتيءَ سان ڊليٽ ڪيل واٽس ايپ چيٽس کي آساني سان بحال ڪري سگهجي ٿو پر ان لاءِ اوهان وٽ واٽس ايپ ڊيٽا جو بيڪ اپ هجڻ ضروري آهي ڇو ته جيڪڏهن اوهان جي گوگل ڊرائيو تي واٽس ايپ چيٽس جو بيڪ اپ ٺهي رهيو آهي ته اوهان سولائيءَ سان پنهنجي ڊيلٽ ڪيل چيٽس بحال ڪري سگهو ٿا.
گوگل ڊرائيو تي واٽس ايپ ميسجز جو بيڪ اپ ڪيئن ٺاهيو وڃي؟
واٽس ايپ ميسجز کي محفوظ بڻائڻ لاءِ گوگل ڊرائيو تي انهن ميسجز جو بيڪ اپ ڏنل هدايتن تي ٺاهيو. واٽس ايپ کوليو ۽ ساڄي پاسي موجوڊ ٽن نقطن تي ڪلڪ ڪريو، هاڻي سيٽنگ ۾ وڃي چيٽس تي ڪلڪ ڪريو ۽ گوگل ڊرائيو ۾ بيڪ اپ کي سليڪٽ ڪريو. هاڻي پنهنجي گوگل اڪائونٽ کي لنڪ ڪريو جتي اوهان پنهنجي واٽس ايپ بيڪ اپ کي اسٽور ڪرڻ چاهيو ٿا، سمورا آپشنز مڪمل ٿيڻ کانپوءِ، بيڪ اپ اوهان جي خواهش مطابق ٺهڻ شروع ٿي ويندو.
گوگل ڊرائيو تان ڊليٽ ڪيل واٽس ايپ پيغامن کي بحال ڪيئن ڪجي؟
جيڪڏهن ڪائي چيٽ اوهان کان غلطي سبب ڊليٽ ٿي وئي آهي ۽ اِها پنهنجي گوگل ڊرائيو بيڪ اپ تان بحال ڪرڻ چاهيو ٿا ته هيٺ ڄاڻايل طريقو اپنايو. واٽس ايپ چيٽ بحال ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريان پنهنجي سمارٽ فون ۾ موجود واٽس ايپ اَن انسٽال ڪري ڇڏيو، هاڻي گوگل پلي اسٽور تان واٽس ايپ کي ٻيهر انسٽال ڪريو ۽ انسٽاليشن کانپوءِ واٽس ايپ تي وڃو ۽ پنهنجي فون نمبر جي تصديق ڪريو. ايپ اوهان جو نمبر تصديق بعد پاڻمرادو گوگل ڊرائيو تي محفوظ ڪيل ڪنهن به اڳوڻي بيڪ اپ جو پتو لڳائي وٺندي جنهن کانپوءِ اوهان کي هڪ پيغام ذريعي اشارو ڪيو ويندو جنهن ۾ پڇيو ويندو ته ڇا اوهان پنهنجي چيٽ کي ري اسٽور ڪرڻ چاهيو ٿا؟ان کانپوءِ اوهان ري اسٽور ڪلڪ ڪريو ۽ پراسيس مڪمل ٿيڻ جو انتظار ڪريو، پراسيس مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اوهان جا ڊليٽ ٿيل پيغام بحال ٿي ويندا.
سارين جي امدادي اگهه ۾ اضافي جو مطالبو
سنڌيار سکر 21 نومبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 21 نومبر 2024ع
راولپنڊي پوليس عمران خان جي نئين ڪيس ۾ گرفتاري ڄاڻائي ڇڏي
عزه ۾ جنگبندي جو ٺهراءُ چوٿون ڀيرو آمريڪا ويٽو ڪري ڇڏيو
چوپائي مال ۽ ماهيگيرن لاءِ انقلابي منصوبن تي ڪم ڪنداسين: ملڪاڻي
وفاقي حڪومت سان اختلافن جي نبيري لاءِ پي پي پاران ڪميٽي قائم
عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ سستي بجلي فراهم ڪرڻ ترجيح آهي
توشه خانه ٽو ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت منظور
سنڌ پوليس لاءِ جديد هٿيار خريد ڪرڻ جو آرڊر ڏنو آهي: لنجار
ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف ايس ٽي پي سڪرنڊ باءِ پاس تي ڌرڻو
بنون چوڪي تي حملو، 12 جوان شهيد، 9 خارجي دهشتگرد مارجي ويا
سلام آهي سنڌ جي ماڻهن کي جن سرڪار کي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ کان روڪيو
مڇي مارڻ لاءِ ماحول دوست ۽ جديد طريقا اختيار ڪريو، شاهه
پيپلز پارٽي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي سربراهي گهري ورتي
اسلام آباد ۽ رياض کي جاڙا شهر قرار ڏيڻ جي تجويز، سعودي جو اتفاق
ناڪاره جهاز جي ڪراچي کان حيدرآباد منتقلي
بخشاپور ۾ اڻڄاتل هٿياربندن هٿان ڦر دوران مزاحمت تي ڳوٺاڻو قتل
ٿرڙي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو، هڪ زخمي
سڳين ۾ منشيات جو وڪرو عام، نوجوان منشيات واپرائڻ سبب فوت