نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)ميٽا طرفان واٽس ايپ ۾ آئي ڏينهن نت ناوان فيچرز متعارف ڪرايا ويندا آهن ته جيئن واهپيدارن لاءِ پيغام رسائيندڙ پليٽ فارم جي استعمال جو تجربو وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي. هاڻي ڪمپني طرفان گروپ چيٽس لاءِ هڪ ڪارائتو فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي. ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، واٽس ايپ جي اينڊرائيڊ ڊيوائسز لاءِ بيٽا ورزن ۾ هڪ نئين فيچر جو واڌارو ڪيو پيو وڃي. نئين فيچر ذريعي واهپيدارن کي اِهو ڄاڻڻ ۾ مدد ملندي ته ڪهڙي گروپ چيٽ ۾ ڪيترا ماڻهو سرگرم/ آن لائين آهين. في الحال واٽس ايپ ۾ ڪنهن گروپ چيٽ اوپن ڪرڻ سان ان جي مٿان مختلف تفصيل موجود هوندا آهن جيئن ڪهڙو واهپيدار ٽائپنگ ڪري رهيو آهي. پر نئين اَپ ڊيٽ کانپوءِ ايڪٽيويٽي سمري کي آن لائين ڪائونٽر سان بدلايو ويندو، آن لائين ڪائونٽر ذريعي واهپيدار کي پتو پئجي ويندو ته ساڻس گڏ ڪيترا ماڻهو گروپ چيٽ ۾ آن لائين آهن. واٽس ايپ تبديليءَ جو مقصد گروپ چيٽس کي وڌيڪ لاڀائتو بڻائڻ آهي، جڏهن ته واهپيدارن کي اِهو ڄاڻڻ ۾ مدد ملندي ته ڪنهن گروپ چيٽ ۾ رابطي لاءِ ڪهڙو وقت بهتري ٿي سگهي ٿو. واضح رهي ته ان لائين ڪائونٽر ۾ رڳو اِهو ظاهر ٿيندو ته ڪهڙو واهپيدار آن لائين آهي، اهو اشارو نه ملندو ته اُهو همراهه چيٽس تي ڳالهائي رهيو آهي يا نه. رپورٽ موجب، اِهو فيچر رڳو اهو ٻڌائي ٿو ته ڪير ڪير ڪهڙي گروپ چيٽ تي آن لائين آهي ۽ ان وٽ واٽس ايپ اوپن آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فيچر ۾ واهپيدارن جي پرائيويسي سيٽنگز جو خيال رکيو ويو، جيڪڏهن ڪنهن فرد پنهنجو آن لائين اسٽيٽس هائيڊ ڪيو آهي ته اُهو آن لائين ڪائونٽر تي نظر نه ايندو، جڏهن ته فيچر متحرڪ گروپس ۾ وڌيڪ مددگار ثابت ٿيندو. جيئن مٿي لکي چڪا آهيون ته في الحال اِهو فيچر بيٽا ورزن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي ۽ اتي به محدود واهپيدارن لاءِ موجود آهي، تنهنڪري اِهو چوڻ مشڪل آهي ته هي فيچر ڪيستائين سمورن واهپيدارن لاءِ دستياب ٿي سگهي ٿو.
توشه خانا ڪيس 2، پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي تي فرد جرم لاڳو
وزيرن جي غير حاضري، ڊپٽي اسپيڪر پاران ايوان نه هلائڻ جو اعلان
ڪو ماڻهو فوج ۾ ناهي، ان جي نظم و ضبط جو پابند ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟
جنرل اسيمبلي، غزا ۾ فوري جنگ بندي جو ٺهراءَ وڏي اڪثريت سان منظور
پاڪستان سيڙپڪاري جي حوالي سان دنيا جو بهترين ملڪ آهي
هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 13 هزار پوائنٽس جي حد پار
ملڪ مان دهشتگردي ختم ڪرڻ ۾ پاڪ فوج جو اهم ڪردار آهي
جيڪب آباد واسي فوجي جوان دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد
لولائي شاخ وٽ مقابلو ، هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار
سنڌڙيءَ ۾ گيس ليڪيج سبب سڙي زخمي ٿيل نوجوان فوت
بازئي فيصلو ڪالعدم، صاحب جو حڪم آيو ڪميشن ڪري ڇڏيو
صدر زرداري سان چيني واپاري وفد جي ملاقات،سيڙپڪاري بابت ڳالهيون
توشه خانه 2، ايف آءِ اي بشريٰ جي ضمانت رد ڪرائڻ ۾ ناڪام
نقوي سان خٽڪ جي ملاقات،گڏيل مامرن تي ڳالهيون
شام جي خودمختياري جو احترام ڪرڻي گهرجي: ممتاز بلوچ
”سڀن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان“ ، سلمان اڪرم
پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ جو فيصلو
26هين آئيني ترميم سياسي بحران ۾ واڌپئي ڪري: لياقت بلوچ
بلوچستان ۾ ٽريفڪ حادثي جي نتيجي ۾ 5 ڀينرون اجل جو شڪار
پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جا رانديگر سڀاڻي ڏکڻ آفريڪا روانو ٿيندا