واٽس ايپ ۾ وڏي تبديليءَ جو اعلان

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)ميٽا طرفان واسٽس ايپ ۾ هڪ وڏي تبديلي جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ته تحت تمام جلد واهپيدار پنهنجي واٽس ايپ اڪائونٽ کي اڪائونٽس سينٽر ۾ ايڊ ڪري سگهندا. اڪائونٽس سينٽر بنيادي طور تي هڪ اهڙو هب آهي جيڪو فيسبڪ، انسٽاگرام ۽ ميٽا ڪوئيسٽ اڪائونٽس کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد مهيا ڪندو آهي. اڪائونٽس سينٽر ۾ واٽس ايپ جي شموليت کانپوءِ واهپيدار پنهنجا واٽس ايپ اسٽيٽس اسٽوريز طور انسٽاگرام ۽ فيسبڪ تي ڪراس پوسٽ ڪري سگهندا. يعني هاڻي واهپيدارن کي پنهنجو واٽس ايپ اسٽيٽس الڳ سان فيسبڪ يا انسٽاگرام ايپ کولي پوسٽ نه ڪرڻا پوندا. ان سان گڏوگڏ سنگل سائن آن فيچر پڻ ان ايبل ڪيو ويندو، يعني واهپيدارن هڪ اڪائونٽ ذريعي ئي ميٽا جي مختلف ايپس تي لاگ ان ٿي سگهندا، مثال طور جيئن فيسبڪ اڪائونٽ کي انسٽاگرام تائين پهچ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ويب بيٽا انفو جي هڪ رپورٽ موجب، واٽس ايپ اڪائونٽ کي اڪائونٽس سينٽر سان لنڪ ڪرڻ وارو فيچر مڪمل طور تي آپشنل هوندو . ميٽا طرفان خاطري ڪرائي وئي آهي ته اڪائونٽس سينٽر جي واڌاري باوجود واٽس ايپ واهپيدارن جي پيغامن ۽ ڪالز کي جيئن جو تئين اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن جو تحفظ حاصل هوندو، جنهن تائين ڪنهن جي رسائي ممڪن نه هوندي. واضح رهي ته ميٽا اڪائونٽس سينٽر 2020ع ۾ متعارف ڪرايو هو ته جيئن واهپيدار ڪمپني جي ايپس ذريعي هڪ هنڌ ڪنيڪٽ ٿي سگهن. في الحال اتي فيسبڪ، انسٽاگرام ۽ ميٽا ڪوئيسٽ اڪائونٽس کي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. رپورٽ موجب، اڪائونٽس سينٽر ۾ واٽس ايپ کي شامل ڪرڻ وارو عمل جي شروعات ٿي چيڪ آهي پر سموري دنيا جي واهپيدارن لاءِ اِهو فيچر متعارف ڪرائڻ ۾ ڪجهه مهينا لڳي ويندا. جڏهن اِهو فيچر دستياب هوندو ته واهپيدارن لاءِ ان کي استعمال ڪرڻ جو آپشن واٽس ايپ سيٽنگز ۾ موجود هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو