اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي بعد وري مندي، انڊيڪس 2000 پوائنٽن جو اضافو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت رجحان جاري آهي ۽ 100 انڊيڪس هڪ ٻي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي شروعات مثبت انداز ۾ ٿي جنهن ۾ 100 انڊيڪس 98 هزار پوائنٽس کان مٿي وڌي ويو.انڊيڪس ۾ واڌ جاري رهي ۽ هڪ نقطي تي 100 انڊيڪس 2057 پوائنٽن جي واڌ سان 99385 تي واپار ڪندو رهيو.ڪالهه به پي ايس ايڪس 100 انڊيڪس 97,437 جي بلند ترين سطح کي ڇهيو ۽ 1,781 پوائنٽن جي واڌ سان 97,328 تي واپار ختم ڪيو.خميس ڏينهن 96 ڪروڙ 99 لک شيئرز جا سودا 35 ارب 16 ڪروڙ رپين ۾ طئي ٿيا ۽ مارڪيٽ سرمائيداري 196 ارب رپين کان وڌي 12 هزار 525 ارب رپيا ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو