احمد آباد(ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ ناقابل شڪست رهندڙ ڀارتي ٽيم وڏو اسڪور ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. 50 اوورن ۾ 240 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. مضبوط ترين بيٽنگ لائين طور مشهور ڀارتي ٽيم فائنل ۾ ٻوٽو نه ٻاريو. آسٽريليا جي زبردسٽ بالنگ ۽ شاندار فيلڊنگ، ڪيترائي يقيني چوڪا بچائي ورتا ۽ زبردست ڪيچ پڪڙا. مچل اسٽارڪ 10 اوورن ۾ 55 رنز ڌئي 3 وڪيٽون ورتيون، جوش هيزل ووڊ 60 ۽ پيٽ ڪمنز 34 رنسون ڏئي ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون. گلين ميڪسويل ۽ ايڊم زمپا هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. روهت شرما 47، ڪوهلي 54 ۽ ڪي ايل راهول 66 رنز ٺاهي نمايان رهيا. راهل 107 بالن تي 66 رنز ٺاهيون. 30 جي مجموعي اسڪور تي شڀمن گل 4 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، 76 جي مجموعي اسڪور تي روهت شرما ڪيچ ٿيو، 81 تي ٽئين وڪيٽ شرياس آئر 4 رنز ٺاهي پويلين موٽيو، 148 جي مجموعي اسڪور تي ڪوهلي آئوٽ ٿيو، 178 تي جديجا 9 رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿيو، 203 جي اسڪور تي ڪي ايل راهل، 211 تي محمد شامي، 214 تي بومرا، 226 تي سورياڪمار ياديو آئوٽ ٿيو. جي آسٽريليا خلاف بيٽنگ جاري آهي. ورلڊ ڪپ جو فائنل احمد آباد جي نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو پيو وڃي، جتي آسٽريليا جي ڪپتان پيٽ ڪمنز ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو، هن اسٽيڊيم ۾ 1 لک 32 هزار تماشائن جي گنجائش آهي ۽ هڪ به سيٽ خالي ناهي. اسٽيڊيم ۾ ڀارتي مداحن جو وڏو انگ موجود آهي، جن ۾ شاهه رخ خان سميت ڪيتريون ئي مشهور شخصيتون به شامل آهن.
وڏن شهرن کان وڌيڪ ننڍن شهرن جو اوچو تعليمي معيار
واٽر ڪارپوريشن پاران شهر ۾ پاڻي جي مڪمل بحالي جي دعويٰ
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو ملتوي
سنڌ حڪومت پاران مختلف راندين جا ايونٽ منعقد ڪرائڻ جو فيصلو
پاڪ فوج فتنا الخوارج، ان جي سهولتڪارن کي شڪست ڏيندي، آرمي چيف
نو مئي سانحي جي ماسٽر کي به سزا ملندي; عطا تارڙ
نقوي جو عوامي مرڪز ۽ نادرا سينٽر ڊفينس جو دورو
بلاول جي ڪي پي ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي جي مذمت
وزيراعظم پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي
مهانگي ۽ سولر استعمال سبب بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي
مروت پارن پارٽي کي سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي تجويز
پي ٽي آءِ پاران حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي قيام جي آجيان
سياسي عدم استحڪام ختم ٿيڻ گهرجي: اياز صادق
حڪومت سنجيده ناهي، سڀاڻي کان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿيندي
صدر پاران چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت
ڪميٽي عمران جي آزادي ڳالهين جي ايجنڊا تي ناهي: عقيل ملڪ
علي امين خلاف پنجاب ۾ 56 ڪيس داخل،تفصيل پڌري
ڊفينس مان بزرگ شهرين بازياب، مقابلي ۾ 2 اغواڪار مارجي ويا
رحيم يار خان پوليس جي ڪارروائي، 2 مغوي بازياب
يونان ۾ ٻيڙي حادثي جو مک جوابدار گرفتار