ورلڊ بينڪ پاران پاڪستان سان 20 ارب ڊالر جي معاهدي جو اعلان

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) عالمي بينڪ پاڪستان جي معيشت ۾ استحڪام جو اعتراف ڪندي 20 ارب ڊالر جي ترقياتي قرض تي ٻڌل ڪنٽري پارٽنر شپ فريم ورڪ(سي پي ايف) جي تحت 10 ساله معاهدي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن بيسن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ۾ جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ معاشي استحڪام مضبوط ٿي رهيو آهي، انهي بنياد تي عالمي بينڪ گروپ پاڪستان سان ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.هن چيو ته ڪنٽري پارٽنر شپ فريم ورڪ 2026 کان شروع ٿيندو ۽ اهو پاڪستان جي ترقي ۾ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن چيو ته انهي پروگرام جي تحت فراهم ڪيل 20 ارب ڊالر جي فنڊنگ کي صاف توانائي، ماحولياتي بحالي ۽ ٻين ترقياتي منصوبن ۾ استعمال ڪيو ويندو.عالمي بينڪ موجب اهو فريم ورڪ نه صرف پاڪستان ۾ ڊگهي مدي جي ترقياتي منصوبن کي هٿي ڏيندو پر اقتصادي استحڪام سان نئين اميدن کي به جنم ڏيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو