احمد آباد (اسپورٽس نيوز)آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023ع جي فائنل ميچ ۾ آسٽريليا ڀارت کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇهين ڀيرو عالمي چيمپيئن بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو. ڀارتي شهر احمد آباد جي نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل فائنل ميچ ۾ ڀارتي ٽيم بيٽنگ کانپوءِ بالنگ ۾ به جادو نه ڪري سگهي، آسٽريليا ڀارت طرفان ڏنل 241 رنسن جو هدف 43 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي آسانيءَ سان حاصل ڪري ورتو. ڀارتي ٽيم جڏهن بيٽنگ شروع ڪئي ته شروعاتي اوورن ۾ شبمن گل کي وڏو جھٽڪو لڳي، ڀارتي اوپنر 7 بالن تي 4 رنسون اسڪور ڪري پويلين موٽي ويو. ان کانپوءِ ڪپتان روهت شرما جارحاڻي بيٽنگ ڪندي 3 ڇڪا ۽ 4 چوڪا هنيا پر هو به گهڻو وقت پچ تي نه رهي سگهيو، ڀارتي ڪپتان 31 بالن تي 47 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. شرياس جڏهن ايئر ڪريز تي آيو ته هو به شاندار اننگز کيڏي نه سگهيو ۽ 3 بالن تي 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ ويرات ڪوهلي به 54 رنسن جي اننگز کيڏڻ بعد پنهنجي وڪيٽ وڃائي ويٺو. ڀارتي ٽيم کي ڇهون نقصان رويندرا جڊيجا جي صورت ۾ برداشت ڪرڻو پيو، جيڪو محتاط بيٽنگ ڪندي 22 بالن تي 9 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو. ڀارتي بيٽسمين ڪي ايل راهول محتاط بيٽنگ جو انداز اختيار ڪندي مشڪل وقت ۾ ففٽي اسڪور ڪئي ۽ 107 بالن تي 1 چوڪن جي مدد سان 66 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو، ڀارت طرفان ڪي ايل راهول ٽاپ اسڪورر رهيو. ٻين رانديگرن ۾ سوريا ڪمار ياديو 18 رنسون، ڪلديپ ياديو 10 ۽ محمد شامي 6 رنسون ٺاهي نمايان رهيا جڏهن ته جسپريت بمرا هڪ رنسون ٺاهي پويلين موٽيو. آسٽريليا طرفان مچل اسٽارڪ 3، ڪپتان پيٽ ڪمنز ۽ جوش هيزل ووڊ 2-2 جڏهن ته گلين ميڪسويل ۽ ايڊم زمپا هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.هدف جي تعاقب ۾ آسٽريليا جي شروعات سٺي نه رهي، ڪينگروز 47 جي مجموعي اسڪور تي 3 اهم رانديگر آئوٽ ٿي ويا، ڊيوڊ وارنر 7، مچل مارش 15 ۽ اسٽيو سمٿ 4 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويا. پهرين 3 وڪيٽون وڃائڻ کانپوءِ ٽريوس هيڊ ۽ مارنوس ليبوچيان ذميواراڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ٽيم کي فتح جي ويجهو آڻي ڇڏيو. ٽريوس هيڊ 120 بالن تي 4 ڇڪن ۽ 15 چوڪن جي مدد سان شاندار 137 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته مارنس ليبوشيني 58 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ڀارت طرفان جسپريت بمرا 2 جڏهن ته محمد شامي هڪ وڪيٽ ورتي.
وڏن شهرن کان وڌيڪ ننڍن شهرن جو اوچو تعليمي معيار
واٽر ڪارپوريشن پاران شهر ۾ پاڻي جي مڪمل بحالي جي دعويٰ
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو ملتوي
سنڌ حڪومت پاران مختلف راندين جا ايونٽ منعقد ڪرائڻ جو فيصلو
پاڪ فوج فتنا الخوارج، ان جي سهولتڪارن کي شڪست ڏيندي، آرمي چيف
نو مئي سانحي جي ماسٽر کي به سزا ملندي; عطا تارڙ
نقوي جو عوامي مرڪز ۽ نادرا سينٽر ڊفينس جو دورو
بلاول جي ڪي پي ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي جي مذمت
وزيراعظم پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي
مهانگي ۽ سولر استعمال سبب بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي
مروت پارن پارٽي کي سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي تجويز
پي ٽي آءِ پاران حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي قيام جي آجيان
سياسي عدم استحڪام ختم ٿيڻ گهرجي: اياز صادق
حڪومت سنجيده ناهي، سڀاڻي کان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿيندي
صدر پاران چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت
ڪميٽي عمران جي آزادي ڳالهين جي ايجنڊا تي ناهي: عقيل ملڪ
علي امين خلاف پنجاب ۾ 56 ڪيس داخل،تفصيل پڌري
ڊفينس مان بزرگ شهرين بازياب، مقابلي ۾ 2 اغواڪار مارجي ويا
رحيم يار خان پوليس جي ڪارروائي، 2 مغوي بازياب
يونان ۾ ٻيڙي حادثي جو مک جوابدار گرفتار