بنگلورو (ويب ڊيسڪ) ورلڊ ڪپ جي 25هين ميچ ۾ سريلنڪا انگلينڊ کي آساني سان 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.لنڪن بيٽرز انگلينڊ طرفان ڏنل 157 رنسن جو هدف 26هين اوور ۾ حاصل ڪري ٽيم جي رن ريٽ ۾ نمايان اضافو ڪيو.بنگلور ۾ کيڏيل ميچ ۾ انگلينڊ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.انگلينڊ طرفان جوني بيئرسٽو ۽ ڊيوڊ مولن اننگز جي شروعات ڪئي پر اها پارٽنرشپ 6.3 اوورن تائين قائم رهي. انگلينڊ جي پهرين وڪيٽ 45 رنسن تي ڪري پئي، جنهن کانپوءِ وقفي وقفي سان وڌيڪ 6 وڪيٽون 25.5 اوورن ۾ 123 رنسن تي ڪري پيون.بين اسٽوڪس وڪيٽ جي هڪ پاسي ٽيم کي سنڀاليو پر ٻئي طرف وڪيٽون گرڻ جو سلسلو جاري رهيو ۽ پوري انگلش ٽيم 34هين اوور ۾ 156 رنسون ٺاهي پويلين موٽي وئي.انگلينڊ طرفان بين اسٽوڪس سڀ کان وڌيڪ 43 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته جوني بيرسٽو 30 ۽ ڊيوڊ مولن 28 رنسن جي اننگز کيڏي. ان کان علاوه معين علي 15 ۽ ڊيوڊ ويلي 14 رنسون اسڪور ڪيو.سريلنڪا طرفان لاهيرو ڪمارا 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، اينجلو ميٿيوز ۽ ڪاسن راجيٿا 2-2 جڏهن ته مهيش ٿڪشانا هڪ وڪيٽ ورتي.هدف جي تعاقب ۾ سريلنڪا جي ٽيم سٺي شروعات نه ڪري سگهي. سندس پهرين وڪيٽ 9 جي مجموعي اسڪور تي گري جڏهن ڪوشل پريرا 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو ۽ ٻي وڪيٽ 23 رنسن تي ڪري جڏهن ڪپتان ڪوشل مينڊس 11 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو. ٻنهي کي ڊيوڊ وادي طرفان برطرف ڪيو ويو.ان کان پوءِ پاٿم نسانڪا ۽ سديرا سمارا ويڪراما جي ٽين وڪيٽ تي 137 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز جي مدد سان انگلينڊ کي آساني سان 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
وڏن شهرن کان وڌيڪ ننڍن شهرن جو اوچو تعليمي معيار
واٽر ڪارپوريشن پاران شهر ۾ پاڻي جي مڪمل بحالي جي دعويٰ
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو ملتوي
سنڌ حڪومت پاران مختلف راندين جا ايونٽ منعقد ڪرائڻ جو فيصلو
پاڪ فوج فتنا الخوارج، ان جي سهولتڪارن کي شڪست ڏيندي، آرمي چيف
نو مئي سانحي جي ماسٽر کي به سزا ملندي; عطا تارڙ
نقوي جو عوامي مرڪز ۽ نادرا سينٽر ڊفينس جو دورو
بلاول جي ڪي پي ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي جي مذمت
وزيراعظم پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي
مهانگي ۽ سولر استعمال سبب بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي
مروت پارن پارٽي کي سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي تجويز
پي ٽي آءِ پاران حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي قيام جي آجيان
سياسي عدم استحڪام ختم ٿيڻ گهرجي: اياز صادق
حڪومت سنجيده ناهي، سڀاڻي کان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿيندي
صدر پاران چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت
ڪميٽي عمران جي آزادي ڳالهين جي ايجنڊا تي ناهي: عقيل ملڪ
علي امين خلاف پنجاب ۾ 56 ڪيس داخل،تفصيل پڌري
ڊفينس مان بزرگ شهرين بازياب، مقابلي ۾ 2 اغواڪار مارجي ويا
رحيم يار خان پوليس جي ڪارروائي، 2 مغوي بازياب
يونان ۾ ٻيڙي حادثي جو مک جوابدار گرفتار