آسٽريليا هٿان نيڌر لينڊ کي 309 رنسن تان شڪست

دهلي (ويب ڊيسڪ)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ورلڊ ڪپ جي 24هين ميچ ۾ آسٽريليا هالينڊ کي آساني سان شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي فتح حاصل ڪري ورتي.نئين دهلي ۾ کيڏيل ميچ ۾ آسٽريليا هالينڊ کي کٽڻ لاءِ 400 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو هو، جنهن جي جواب ۾ حریف ٽيم 90 رنسن تي ڍير ٿي وئي.هن ميچ ۾ آسٽريليا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.چوٿين اوور ۾ آسٽريليا جي پهرين وڪيٽ 28 رنسن تي ڪرڻ کان پوءِ ڊيوڊ وارنر ۽ اسٽيون سمٿ پارٽنرشپ قائم ڪري اسڪور کي 160 رنسن تائين پهچايو.آسٽريليا جي ٻي وڪيٽ وري 23.3 اوورن ۾ ڪري پئي جڏهن اسٽيو سمٿ 71 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.ڊيوڊ وارنر ۽ مارنس لابوشين وچ ۾ ٽئين وڪيٽ لاءِ 84 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ٿي. لبوشين 62 رنسن جي اننگز کيڏڻ بعد پويلين موٽيو.جوش انگلز 14 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته آئوٽ ٿيڻ وارو ايندڙ بيٽسمين ڊيوڊ وارنر هو جنهن 104 رنسن جي اننگز کيڏي.آسٽريليا جي ڇهين وڪيٽ ڪيمرون گرين جي ڪري ٿي جڏهن هو 8 وڪيٽن تي 290 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو.ان کانپوءِ گلين ميڪسويل 40 بالن ۾ سينچري اسڪور ڪري هالينڊ جي بالرن کي ٽرينٽ بڻائي ڇڏيو. ستين وڪيٽ لاءِ 44 بالن ۾ 103 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪئي، جنهن ۾ ميڪسويل جي 93 رنسون شامل هيون.گلين ميڪسويل 44 بالن تي 106 رنسن جي اننگز کيڏڻ کانپوءِ آخري اوور ۾ آئوٽ ٿي ويو. آسٽريليا مقرر 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 399 رنسون ٺاهيون.هالينڊ طرفان لوگن وان بيڪ 4 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، جڏهن ته باس ڊي ليڊ ٻه ۽ آرين دت هڪ وڪيٽ ورتي.ٽاس کانپوءِ ڳالهائيندي آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز چيو ته پچ بيٽنگ لاءِ سٺي لڳي رهي آهي، ٽيم ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي، مارڪ اسٽونز ميچ نه کيڏندو، ڪيمرون گرين کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي هالينڊ جي ڪپتان اسڪاٽ ايڊورڊز جو چوڻ هو ته هو ٽاس کٽي بالنگ ڪري ها پر ٽيم ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي آهي.ٻنهي ٽيمن هن وقت تائين ورلڊ ڪپ ۾ چار ميچون کيڏيون آهن، جنهن ۾ آسٽريليا ٻه ۽ هالينڊ هڪ ميچ کٽي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو