ورلڊ ڪپ انڊيا لاءِ فائديمند آهي:گواسڪر

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سنيل گواسڪر چيو آهي ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي ميزباني جو ڀارت کي فائدو آهي.سنيل گواسڪر جو چوڻ آهي ته ڀارت کي پهريان آسٽريليا ۽ پاڪستان کي کيڏڻ جو فائدو آهي، ڀارت لاءِ مشڪل هوندو هو ته آسٽريليا خلاف ميچ کٽڻ لازمي هوندو.”جيڪڏهن توهان بعد ۾ هڪ نسبتا ڪمزور ٽيم کيڏيو ٿا، توهان ڪوشش ڪري سگهو ٿا جيترو مارجن سان توهان کي ضرورت آهي،اڳوڻي ڀارتي ڪپتان جو چوڻ آهي ته شروعات ۾ سٺي ٽيمن خلاف کيڏڻ سٺو لڳندو آهي.واضح رهي ته ڀارت ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ ميچ 8 آڪٽوبر تي چنائي ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ڀارت ۽ پاڪستان جي ٽيمن وچ ۾ ميچ 15 آڪٽوبر تي احمد آباد ۾ کيڏي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو