ڏکڻ آفريڪا پاران 229 رنسن تان انگلينڊ کي تاريخي شڪست

ممبئي(ويب ڊيسڪ) وانخيڊا اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ انگلينڊ جي ٽيم 400 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ 170 رنسن تي ڍير ٿي وئي. انگلينڊ لاءِ ريس ٽوپلي بيٽنگ نه ڪئي، تنهن ڪري دفاعي چيمپيئن 22 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 170 رنسون ٺاهي اننگز ختم ڪئي. انگلينڊ طرفان مارڪ ووڊ 43 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، ايٽڪنز 35، هيري بروڪ 17 ۽ ڪپتان جوز بٽلر 15 رنسون ٺاهي نمايان بيٽسمين رهيا. ڏکڻ آفريڪا طرفان جيرالڊ ڪوئٽزي 3، لونگي نگيدي 2 ۽ مارڪو جانسن 2 وڪيٽون ورتيون. انگلينڊ جي ٽيم کي شروع ۾ ئي ان وقت نقصان کڻڻو پيو جڏهن مجموعي اسڪور  18 رنز تي جوني بيئر اسٽو کي لونگي نگڊي وينڊرسن هٿان ڪيچ ڪرائي ارلي بريڪ  ڪيو. آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي 20هين ميچ ۾ انگلينڊ ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو. ڏکڻ آفريڪا 50 اوورز ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 399 رنز اسڪور ڪيون. هينرچ ڪلاسن 67 بالن تي 12 چوڪن ۽ 4 ڇڪن جي مدد سان 109 رنس ٺاهي آئوٽ ٿيو کيس ايٽڪنسن بولڊ ڪيو. ريضا هينڊرڪ 85، وين ڊرسن 60، ايڊن مرڪرن 42 رنز اسڪور ڪيون، مارڪو جينسن 42 بالن 75 رنز ناٽ آئوٽ ٺاهيون هن 6 ڇڪا 3 چوڪا هنيا. ريس ٽوپلي 3، ايٽڪنسن ۽ عادل رشيد ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ اها ميچ ممبئي ۾ کيڏي پئي وڃي، جنهن ۾ ڏکڻ آفريڪا جي اڳواڻي ايڊن مارڪرام ڪري رهيو آهي جڏهن ته انگلش ٽيم جي قيادت جوس بٽلر ڪري رهيو آهي.ٻنهي ٽيمن هن ورلڊ ڪپ ۾ هن وقت تائين 3-3 ميچون کيڏيون آهن، جنهن ۾ ڏکڻ آفريڪا 2 ۽ انگلينڊ هڪ ميچ ۾ فتح حاصل ڪئي آهي

ه.

پهنجو تبصرو موڪليو