ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي نائب صدر راجيو شڪلا ورلڊ ڪپ ميچن لاءِ حيدرآباد ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي سيڪيورٽي خدشن تي ڳالهايو.راجيو شڪلا جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي شيڊول ۾ وڌيڪ تبديليون ممڪن نه آهن، حيدرآباد وينجن جو انچارج آهيان، جيڪڏهن ڪو مسئلو آهي ته حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.سندس چوڻ آهي ته ورلڊ ڪپ جي شيڊول کي تبديل ڪرڻ ڪو آسان ڪم ناهي، اهو نٿو ٿي سگهي، رڳو بي سي سي آءِ شيڊول ۾ تبديلي نه ٿو ڪري سگهي، آءِ سي سي ۽ ٻين ٽيمن سميت سمورا اسٽيڪ هولڊر ملوث آهن.ڀارتي ميڊيا موجب حيدرآباد پوليس 9 آڪٽوبر تي نيوزيلينڊ ۽ هالينڊ ۽ 10 آڪٽوبر تي پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٿيندڙ ٻن ميچن تي حيدرآباد ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن کي خدشا ظاهر ڪيا هئا.ميڊيا رپورٽن موجب حيدرآباد ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن بي سي سي آءِ کي پنهنجن خدشن کان آگاهه ڪيو هو، جنهن تي هڪ ڀيرو ٻيهر ورلڊ ڪپ جي شيڊول ۾ تبديلي جي گونج اچي رهي هئي.
حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڪميٽين ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق
190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو 6 جنوري تي ٻڌايو ويندو
پوليو جا ڦڙا نه پياريندڙن کي ڪو به سرٽيفڪيٽ نه ڏيڻ جو فيصلو
ميهڙ ۾ ٻن ڌرين جو پراڻي زميني تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ موسم ٿڌو رهڻ جو امڪان
ناراض گهر واري مڙس جي مينهن ۽ ڳئون کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو
هڪ ڏينهن ۾ ڳالهين جا نتيجا نه ٿا اچي سگهن: شوڪت يوسفزئي
علي امين گنڊاپور کي هٽائڻ جي ڳالهه غلط آهي: عمر ايوب
ملڪ جي فيصلن ڪندڙن سان ئي ڳالهيون ڪامياب ٿينديون: علوي
ڪاروباري هفتي جي مثبت شروعات، 2495 پوائنٽس جي واڌ
درج ٿيل ڪيسن ۾ عمر ايوب کي گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم
ڳالهيون اين آر او نه پر پاڪستان لاءِ ٿينديون: طلال چوڌري
پاڪستان آفريڪا خلاف ون ڊي سيريز کٽيندڙ پهرين ٽيم بڻجي وئي
ملڪه ترنم نور جهان کي جنم 24 سال گذري ويا
خدشو آهي ته ايران ايٽمي هٿيار ٺاهي سگهي ٿو،آمريڪا
وڏن شهرن کان وڌيڪ ننڍن شهرن جو اوچو تعليمي معيار
واٽر ڪارپوريشن پاران شهر ۾ پاڻي جي مڪمل بحالي جي دعويٰ
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو ملتوي
سنڌ حڪومت پاران مختلف راندين جا ايونٽ منعقد ڪرائڻ جو فيصلو
پاڪ فوج فتنا الخوارج، ان جي سهولتڪارن کي شڪست ڏيندي، آرمي چيف