ورلڊ ڪپ لاءِ رينڪنگ اهم ناهي: شاداب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)قومي ٽيم جي نائب ڪپتان شاداب خان جو چوڻ آهي ته ون ڊي رينڪنگ ۾ نمبر ون وڃائڻ افسوس جوڳو آهي پر ورلڊ ڪپ لاءِ رينڪنگ اهم ناهي.شاداب خان خصوصي انٽرويو ڏيندي چيو ته نيوزيلينڊ خلاف سيريز ورلڊ ڪپ جي تيارين لاءِ سٺو موقعو آهي.هن چيو ته ورلڊ ڪپ کان اڳ انهن ٻنهي ڪمزورين کي دور ڪرڻو پوندو، فيلڊنگ ۾ به بهتري جي گنجائش موجود آهي، وڌيڪ ٽي ٽوئنٽي کيڏڻ سبب ڪڏهن ڪڏهن ون ڊي ميچن ۾ فيلڊنگ دوران انرجي ليول گهٽجي ويندي آهي.شاداب چيو ته وچين اوورن ۾ منهنجو ڪم وڪيٽون وٺڻ آهي جنهن ۾ مون کي گهڻي ڪاميابي نه ملي. سيريز ۾ روٽيشن پاليسي تحت نون رانديگرن کي موقعو ڏنو ويو.هن وڌيڪ چيو ته نمبر ون ون ڊي رينڪنگ وڃائڻ افسوس جوڳو آهي، پر ورلڊ ڪپ لاءِ رينڪنگ اهم ناهي.ورلڊ ڪپ جي تياري لاءِ ڪيتريون ئي ميچون نه آهن.نائب ڪپتان جو چوڻ هو ته هو ڪائونٽي ڪرڪيٽ کيڏڻ وڃي رهيو آهي ڇو ته ون ڊي ميچن جي ڪري ڪائونٽي ۾ چار ڏينهن واري ڪرڪيٽ هوندي پر راند ۾ بهتري ايندي.گهٽ ميچون حاصل ڪرڻ باوجود هو پاڻ کي ورلڊ ڪپ لاءِ تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو