بنگلورو(ويب ڊيسڪ) آسٽريليا پاڪستان کي 62 رنز تان شڪست ڏئي ميچ کٽي ورتي آهي. پاڪستان جي پوري ٽيم 45.3 اوورز ۾ 305 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. شاهين آفريدي 10 رنز ۽ حسن علي 8 رنز ٺاهي سگهيا. ايڊم زيمپا 4، مارڪس اسٽائنز ۽ پيٽ ڪمنزٻه ٻه وڪيٽون ورتيون. هن وقت تائين آسٽريليا 4 ميچز مان کٽيون ۽ 2 هارايون آهن ساڳئي صورتحال پاڪستان جي آهي. ڊيوڊ وارنر کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. تاريخ جي وڏي ٽارگيٽ چيز ڪرڻ لاءِ پاڪستاني اونرز 134 رنز جي پهرين وڪيت لاءِ شراڪت ڪئي ۽ بهتر اسٽارٽ فراهم ڪيو، عبدالله شفيق 7 چوڪن ۽ ٻن ڇڪن جي مدد سان 61 بالن تي 64 رنز ٺاهي ميڪسويل هٿان مارڪس اسٽائنز جي بال تي ڪيچ ٿيو، امام الحق جي وڪيٽ به ساڳئي بالر کي ملي پر بائونڊري تي ڪيچ مچل اسٽارڪ ڪيو. امام الحق 24 هين اوور ۾ 10 چوڪن جي مدد سان 71 بالن تي 70 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، ڪپتان بابر3 چوڪا هڻي 14 بالن تي 18 رنز اسڪور ڪري زمپا جي بال تي پيٽ ڪمنز هٿان ڪيچ ٿيو.232 جي مجموعي اسڪور تي سعود شڪيل 5 چوڪن جي مدد سان 31 بالن تي 30 رنز ٺاهي پيٽ ڪمنز جي بال تي ماڪس اسٽائنز هٿان ڪيچ ٿيو جنهن بعد افتخار به گهڻو وقت بيهي نه سگهيو 3 ڇڪن جي مدد سان 20 بالن تي 26 رنز ٺاهي زيمپا جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو.رضوان ۽ نواز به وڏي پارٽنر شپ نه ٺاهي سگهيا ۽ رضوان زيمپا جي بال تي 5 چوڪن جي مدد سان 40 بالن تي 46 رنز ٺاهي ايل بي ڊبليو ٿيو، پاڪستان جا 41 هين اوور ۾ 274 تي 6 آئوٽ ٿيا هئا. جلد ئي اسامه مير بنا رن ٺاهڻ جي جوش هيزل ووڊ جي بال تي مچل اسٽارڪ هٿان ڪيچ ٿيو. آسٽريليا 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 367 رنز ٺاهي پاڪستان کي ميچ کٽڻ لاءِ 368 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ وڏي ۾ وڏي رن چيز جو رڪارڊ 349 آهي جيڪو هنن 2022 ۾ لاهور ۾ آسٽريليا خلاف ڪري 6 وڪيٽن تان ميچ کٽي هئي. 33 اوورز تائين پاڪستاني بالرز بيوس بڻيل هئا پران بعد هو راند ۾ واپس آيا. آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي اٺين ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي آسٽريليا کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. بنگلورو جي چناسوامي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ آسٽريليا جي ٻنهي اوپنرز سينچريون اسڪور ڪيون ۽ پاڪستاني بالرز جي خوب ڌلائي ڪئي. شاهين جي بال تي اسامه مير وارنر جو ابتدا ۾ ڪيچ ڊراپ ڪيو جيڪو کين ڳچي ۾ پئجي ويو. حارث رئوف جي بال تي عبدالله شفيق به ڪيچ ڊراپ ڪيو. پاڪستان کي پهرين ڪاميابي 36 هين اوور ۾ ان وقت ملي جڏهن شاهين جي بال تي مچل مارش جو اسامه مير لو ۽ ڏکيو ڪيچ پڪڙيو، مچل مارش 10 چوڪن ۽ 9 ڇڪن جي مدد سان 108 بالن تي 121 رنز اسڪور ڪيون. شاهين جي اڳئين بال تي ميڪسويل بنا رن ٺاهڻ جي بابرهٿان ڪيچ ٿيو. 259 رنز تي 2 وڪيٽون بيڪ ٽو بيڪ بال تي ڪريون. ان بعد اسامه جي بال تي ڪپتان بابر سلپ ۾ ڪيچ ڊراپ ڪيو. 39 هين اوور ۾ اسامه اسٽيو سمٿ کي پنهنجي ئي بال تي ڪيچ ڪيو هن 7 رنسون ٺاهيون ۽ 284 جي مجموعي اسڪور تي آسٽريلڪيا جي ٽئين وڪيٽ ڪري. 43 هين اوور ۾ 325 جي مجموعي اسڪور تي ڊيوڊ وارنر کي متبادل رانديگر شاداب حارث رئوف جي بال تي ڪيچ ڪيو، جنهن 124 بالن تي 163 رنز اسڪور ڪيون، هن 14 چوڪا ۽ 9 ڇڪا هنيا. انگلس 13 رنز ٺاهي حارث رئوف جي بال تي ڪيپر هٿان ڪيچ ٿيو، امپائر ناٽ آئُوٽ ڏنو پر رويو ۾ پاڪستان کي پنجين وڪيٽ ملي. شاهين آفريدي 48 هين اوور ۾ مارڪس اسٽائنز کي ايل بي ڊبليو ڪيو، هن 21 رنز ٺاهيون. جنهن بعد حارث رئوف به ٽئين وڪيٽ ورتي ۽ ليبسچينج کي بائونڊري تي شاداب هٿان ڪيچ ڪرايو، آسٽريليا 360 تي 7 آئوٽ هئا. آخري اوور جي پهرين بال تي شاهين آفريدي چوٿون شڪار ڪيو ۽ مچل اسٽارڪ کي سعود شڪيل هٿا ڪيچ ڪرايو. اڳئين بال تي هن هيزل ووڊ کي رضوان هٿان ڪيچ ڪرائي پنجين وڪيٽ ورتي ۽ هن ميچ ۾ ٻيو ڀيرو هيٽ ٽرڪ چانس مليو پر اها کيس نصيب نه ٿي. ان کان اڳ ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني. اساما مير کي شاداب خان جي بدران آسٽريليا خلاف قومي ٽيم جي پلیئنگ اليون ۾ شامل ڪيو ويو آهي.ٽاس کانپوءِ ڳالهه ٻولهه ۾ ڪپتان بابر اعظم چيو ته اسان هن ميچ لاءِ سٺي تربيت ڪئي ۽ ڪيترائي سٺا پريڪٽس سيشن ڪيا.
وڏن شهرن کان وڌيڪ ننڍن شهرن جو اوچو تعليمي معيار
واٽر ڪارپوريشن پاران شهر ۾ پاڻي جي مڪمل بحالي جي دعويٰ
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو ملتوي
سنڌ حڪومت پاران مختلف راندين جا ايونٽ منعقد ڪرائڻ جو فيصلو
پاڪ فوج فتنا الخوارج، ان جي سهولتڪارن کي شڪست ڏيندي، آرمي چيف
نو مئي سانحي جي ماسٽر کي به سزا ملندي; عطا تارڙ
نقوي جو عوامي مرڪز ۽ نادرا سينٽر ڊفينس جو دورو
بلاول جي ڪي پي ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي جي مذمت
وزيراعظم پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي
مهانگي ۽ سولر استعمال سبب بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي
مروت پارن پارٽي کي سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي تجويز
پي ٽي آءِ پاران حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي قيام جي آجيان
سياسي عدم استحڪام ختم ٿيڻ گهرجي: اياز صادق
حڪومت سنجيده ناهي، سڀاڻي کان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿيندي
صدر پاران چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت
ڪميٽي عمران جي آزادي ڳالهين جي ايجنڊا تي ناهي: عقيل ملڪ
علي امين خلاف پنجاب ۾ 56 ڪيس داخل،تفصيل پڌري
ڊفينس مان بزرگ شهرين بازياب، مقابلي ۾ 2 اغواڪار مارجي ويا
رحيم يار خان پوليس جي ڪارروائي، 2 مغوي بازياب
يونان ۾ ٻيڙي حادثي جو مک جوابدار گرفتار