ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ورلڊ ڪپ ڪواليفائر سپر سڪس ۾ اسڪاٽ لينڊ ويسٽ انديز کي شڪست ڏئي ڪرڪيٽ عالمي ڪپ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي. 2 ڀيرا ڪرڪيٽ جو عالمي چيمپئن رهندڙ ويسٽ انڊيز جي ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿيڻ تي ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ حيراني ظاهر ڪئي پئي وڃي. زمبابوي جي شهر هراري ۾ کيڏيل ميچ ۾ اسڪاٽ لينڊ ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. ويسٽ انڊيز 181 رنز تي ڍير ٿي وئي، جيسن هولڊر 45 ۽ روماريو يوشيفرڊ 36 رنز ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا. اسڪاٽ لينڊ جي بولر برينڊون مڪ مولن 3 وڪيٽون ورتيون. اسڪاٽ لينڊ 44 هين اوور ۾ 182 رنز جو آسان ٽارگيٽ 3 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري 7 وڪيٽن تان ڪالي آنڌي کي شڪست ڏئي ڇڏي. 2018 ۾ ورلد ڪپ ڪواليفائر ۾ ويسٽ انڊيز اسڪاٽ لينڊ کي شڪست ڏئي ڪواليفائنگ رائونڊ مان آئوٽ ڪيو هو جنهن جو بدلو هنن وٺي ڇڏيو. اسڪاٽ لينڊ جي برينڊن ميڪ ڪلم 69 رنز ٺاهيون جڏهن ته ميٿيو ڪراس 74 تي ناٽ آئوٽ رهيو. 2023 ۾ ڀارت ۾ 5 آڪٽوبر کان 13 نومبر تائين هن سال ٿيندڙ عالمي ڪرڪيٽ ڪپ تاريخ جو پهريون عالمي ڪپ هوندو جنهن ۾ ويسٽ انڊيز شامل نه هوندي. سپر سڪس ۾ ويسٽ انڊيز 3 ميچز ۾ هارايو آهي. هن گروپ جي 6 ٽيمن مان 2 ٽاپ ٽيمون 10 رڪني ورلڊ ڪپ کيڏندڙ ٽيمن ۾ شامل ٿينديون. هن وقت ميزبان زمبابوي ۽ سريلنڪا ٽاپ تي آهن، اسڪاٽ لينڊ جا 2 ميچ رهيل آهي، زمبابوي ۽ نيڌر لينڊ سان جنهن بعد پوزيشن واضح ٿيندي.
پي ٽي آءِ سان ڳالهيون، صدر سان وزيراعظم جي اهم ملاقات
ملڪ ڪاروبار دوست ناهي رهيو ، بزنس فورم جو ناڻي واري وزير کي خط
سال 2025 ۾ عام موڪلون ۽ اختياري موڪلون 40 ٿينديون،نوٽيفڪيشن
قائداعظم ڏهاڙي ۽ ڪرسمس جي موقعي تي موڪل جو اعلان
ڪئنال نڪرڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي:رياض چانڊيو
ڊجيٽل رائٽس بل آڻينداسين، نوجوان تجويزون ڏين: بلاول ڀٽو
فوجي عدالت جي فيصلي جي مذمت، چئلينج ڪرڻ جو اعلان
حڪومت جو شاگردن کي هڪ لک اليڪٽرڪ بائيڪس ڏيڻ جو اعلان
يورپي يونين فوجي عدالتن جي فيصلن تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي
حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڪميٽين ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق
190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو 6 جنوري تي ٻڌايو ويندو
پوليو جا ڦڙا نه پياريندڙن کي ڪو به سرٽيفڪيٽ نه ڏيڻ جو فيصلو
ميهڙ ۾ ٻن ڌرين جو پراڻي زميني تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ موسم ٿڌو رهڻ جو امڪان
ناراض گهر واري مڙس جي مينهن ۽ ڳئون کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو
هڪ ڏينهن ۾ ڳالهين جا نتيجا نه ٿا اچي سگهن: شوڪت يوسفزئي
علي امين گنڊاپور کي هٽائڻ جي ڳالهه غلط آهي: عمر ايوب
آءِ فون چوري ٿيڻ بعد ڊيٽا محفوظ ڪيئن رکجي؟ طريقو ڄاڻيو
ملڪ جي فيصلن ڪندڙن سان ئي ڳالهيون ڪامياب ٿينديون: علوي
ڪاروباري هفتي جي مثبت شروعات، 2495 پوائنٽس جي واڌ