ورلڊ ڪپ ۾ ڪواليفائي ڪرڻ لاءِ8 ٽيمون مڪمل

لاهور (ويب ڊيسڪ)آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ 8 ٽيمن سڌي ريت ڪواليفائي ڪري ورتي آهي.ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ ٽيم سڌو سنئون آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفائي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، جڏهن ته آئرلينڊ ۽ بنگلاديش وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ مسلسل برسات سبب چيمسفورڊ ۾ کيڏي نه سگهي.آءِ سي سي موجب آئرلينڊ جو سڌي ريت ڪواليفائي ڪرڻ جا موقعا ختم ٿي ويا جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا سپر ليگ پوائنٽس ٽيبل ۾ اٺين پوزيشن سبب آخري لمحن ۾ سڌو ڪواليفائي ڪري ورتو.ڏکڻ آفريڪا هالينڊ خلاف هوم سيريز کٽي ورتي ۽ ويسٽ انڊيز کان اڳتي هلي اٺين پوزيشن تي اچي وئي.آئرلينڊ کي بنگلاديش جي خلاف ٽي صفر جي فتح جي ضرورت هئي ته جيئن سڌي طرح قابليت جا موقعا روشن ڪيا وڃن.آئرلينڊ جي ٽيم هاڻي زمبابوي ۾ ڪواليفائر کيڏندي، جنهن ۾ 10 ٽيمون شامل آهن.ويسٽ انڊيز، سريلنڪا، زمبابوي، آئرلينڊ، هالينڊ، اسڪاٽ لينڊ، عمان، نيپال، آمريڪا ۽ يو اي اي ڪواليفائرز ۾ شامل آهن. ورلڊ ڪپ ۾ ڪواليفائرز مان ٽاپ 2 ٽيمون حصو وٺنديون.ٻئي طرف نيوزيلينڊ، انگلينڊ، ڀارت، بنگلاديش، پاڪستان، آسٽريليا، افغانستان ۽ ڏکڻ آفريڪا سڌو سنئون ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو