وزيراعظم آرمي چيف سان گڏ ٽرمپ سان ملاقات ڪندو

واشنگٽن(ڊيسڪ رپورٽ) وزيراعظم عمران خان جي دوري جي موقعي تي آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ جو سربراهه آمريڪا ۾ موجود هوندا ۽ پاڪستان جو وزيراعظم آرمي چيف سان گڏجي آمريڪي صدر سان 22 جولاءِ تي ملاقات ڪندو. اها ڳالهه پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي وزير شاهه محمود واشنگٽن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌائي. پاڪستان جي افرتي تارخ ۾ اهو پهريون موقع آهي ته وزيراعظم آرمي چيف سان گڏ آمريڪي خدر سان ملاقات ڪندو. ان بابت شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته پاڪستان م پهريون ڀيرو سياسي ۽ فوجي قيادت هر معاملي تي هم خيال ۽ هم آهنگ آهي ان ڪري گڏجي ملاقات ڪن ٿا. هن جي بقول ته ماضي ۾ سياسي حڪومتون ۽ اسٽيبلشمينٽ جي پنهنجي پنهنجي پاليسي رهي آهي. هن ٻڌايو ته عمران خان ڪمرشل فلائٽ م آچر تي آمريڪا ايندو، سفير جي گهر ۾ رهندو، آمريڪي عهديدارن، پاڪستاني برادري، سرمائيدارن ۽ ٻين سان ملاقات ڪندو. قريشي چيو ته گذريل 5 سالن ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جا تعلقات خراب ٿيا آهن ۽ هن ملاقات بعد بهتري ايندي.

پهنجو تبصرو موڪليو