وزيراعظم جو يوٽيليٽي اسٽورز کانسواءِ رمضان پئڪيج آڻڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف هن ڀيري رمضان جي مهيني ۾ يوٽيلٽي اسٽورن کان بغير رمضان پيڪيج آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ مهم شروع ٿي چڪي آهي، پوليو جي خاتمي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، جمرود ۾ پوليو ٽيم تي حملو افسوسناڪ آهي.هن چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردن سان وڙهندي زخمي ٿيندڙ جوانن جي عيادت ڪئي، فوج، ايف سي، رينجرز ۽ پوليس جا جوان پنهنجي جانن جو نذرانو پيش ڪري رهيا آهن، ماضيءَ جي غلط پاليسين سبب اڄ جوان قربانيون ڏئي رهيا آهن، ماضيءَ ۾ سوين دهشتگردن کي ڇڏيو ويو ته ان سان امن قائم ٿيندو. شهباز شريف جو چوڻ هو ته مهانگائي نون ورهين جي گهٽ ترين سطح تي آهي، جنوري ۾ مهانگائي 2.4 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. ناڻي واري وزير، سندس ٽيم ۽ ايف بي آر جو شڪريو ادا ڪيان ٿو، پوري ڪوشش آهي ته اسان معاشي ترقي ڏانهن اڳتي وڌون، جهڙي طريقي سان ٻيا هدف حاصل ڪيا آهن معاشي ترقي جو هدف به حاصل ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته گذريل سال رمضان ۾ تمام گهڻيون شڪايتون هيون، هن ڀيري يوٽيلٽي اسٽورن کان بغير رمضان پيڪيج آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن ڪرپشن کي روڪي سگهجي، ان لاءِ فوڊ سيڪيورٽي کاتي کي ذميواري سونپي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو