رياض (ويب ڊيسڪ)سعودي عرب جي دوري تي پهتل وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي وفد سان گڏ مسجد نبوي تي حاضري ڏني ۽ روضه رسول جي زيارت ڪئي، وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس وفد لاءِ رياض الجنت جا دروازا کوليا ويا. وزيراعظم وفد سان گڏ رياض الجنت ۾ نفل ادا ڪيا ۽ مسلم امت جي اتحاد ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا گهري،ان کان اڳ جڏهن وزيراعظم محمد شهباز شريف مديني پهتو ته مديني جي گورنر شهزاده سلمان بن سلطان شهزاده محمد بن عبدالعزيز ايئرپورٽ تي وزيراعظم جو استقبال ڪيو.وزيراعظم شهباز شريف جي وفد ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز سميت ٻيا شامل آهن.
