وزيراعظم جي عزيزن جي 759 ڪينال ملڪيت جي نيلامي جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شمس محمود مرزا وزيراعظم شهباز شريف جي ويجهن مائٽن جي 759 ڪينال ملڪيتن جي نيلامي جو حڪم ڏنو.عدالت شهباز شريف جي ويجهن مائٽن جي نو ملڪيتن جي نيلامي لاءِ 25 اپريل، 2 مئي، 9 مئي ۽ 16 مئي جي تاريخ پڻ مقرر ڪئي.خانگي بينڪ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته برادرز شوگر ملز کي 2016 ۾ قرض جي عدم ادائيگي تي ڊيفالٽر قرار ڏنو ويو هو.وزيراعظم جي ڪزن، ميان اسلم بشير ۽ عمر ادريس، ٻين سميت، قرض جي ضمانت ڏني هئي. ميان فرقان، فاطمه فرقان، مهر عمر، فرح اسلم ۽ ميمونه اسلم پڻ قرض جي ضمانت ڏني هئي.برادرز شوگر ملز جي مالڪن به قرض لاءِ پنهنجون ملڪيتون گروي رکيون آهن، ۽ درخواست ڪئي وئي آهي ته 208.378 ڪروڙ رپين جي وصولي لاءِ ڊفالٽرز جي ملڪيتن کي نيلام ڪيو وڃي.عدالت جي نيلامي ڪندڙ اسرار قريشي ايڊووڪيٽ ڊفالٽرز جي 9 ملڪيتن جي نيلامي جو شيڊول پيش ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو