وزيراعظم جي ڪنگ چارلس سان ملاقات، راڻي جي لاڏاڻي تي تعزيت

لنڊن (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهبازشريف سومر تي لنڊن ۾ بادشاه پاران معزز مهمانن لاءِ ڏنل آجياڻي دوران شاهه چارلس سان ملاقات ڪئي ۽ سندس والده ناڻي الزبٿ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي وزيراعظم چيو ته آنجهاني راڻي الزبٿ دولت مشترڪه ملڪن جي شهرين لاءِ تحريڪ ۽ طاقت جو سرچشمو هئي پاڪستان جي عوام جي راڻي جي پاڪستان جي ٻن دورن سان خوبصورت يادون لاڳاپيل آهن هن چيو ته شاهي خاندان ۽ پاڪستاني قوم وچ ۾ پيار ۽ محبت جو رستو وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي وزيراعظم شهبازشريف پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران شاهه چارلس کي تخت نشين ٿيڻ تي نيڪ خواهشون پيش ڪيون ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو دولت مشترڪه ملڪن وچ ۾ دوستي کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۾ پنهنجي والده جي ميراث کي اڳيان وڌائيندو هن چيو ته پاڪستان جو عوام شاهه چارلس جو احترام ڪري ٿو ۽ ان پاران جلد اچڻ ۽ استقبال جو منتظر آهي وزيراعطم برطانوي شآهي خاندان پاران پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن سان همدردي ۽ مدد تي برطانوي بادشاهه جو شڪريو ادا ڪيو هن چيو ته برطانوي حڪومت ۽ عوام ٻنهي پاران ٻوڏ متاثرن لاءِ مدد جي اپيل تي هاڪاري رد عمل کي پاڪستان ۾ گهڻو ساراهيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو