اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف جعفر ايڪسپريس تي حملي کانپوءِ صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اڄ بلوچستان جو دورو ڪندو.وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جعفر ايڪسپريس تي حملي جهڙيون بزدلاڻيون ڪارروايون پاڪستان جي امن جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن، آپريشن دوران درجنين دهشتگرد مارجي ويا، ان کان علاوه صدر بولان آپريشن مڪمل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ 21 شهري ۽ 4 ايف سي اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو.
