رياض: (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جي دوري دوران عمري جي سعادت حاصل ڪري ورتي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي وفد سان گڏ عمرو ادا ڪيو، وزيراعظم خانه ڪعبه ۾ نفل ادا ڪيا، ملڪ، قوم ۽ مسلمان امت جي فلاح، بهبود ۽ ترقي جي لاءِ پڻ دعا ڪئي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف مسجد نبوي ۾ جمعي جي نماز ادا ڪئي هئي جنهن کان پوءِ عمري جي ادائيگي لاءِ وفد سان گڏ ٽرين ذريعي مڪي شريف ڏانهن روانو ٿيو هو.وزيراعظم شهباز شريف 3 ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب ۾ موجود آهي جتي هن گذريل ڏينهن جده ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي هئي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد وچ ۾ ملاقات دوران پاڪستان ۽ سعودي عرب دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو ويو هو ۽ گڏيل ڀائيواري کي نئين بلندين تائين پهچڻ جو ارادو ڪيو ويو هو.
