خانڳڙهه /خانپور
مهر (نمائندن وٽان) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري چوري جو پئسو
بچائڻ لاءِ ٽرين مارچ ڪيو، افسوس اٿم ته 2 سئو ارب بچائڻ لاءِ 2
هزار روپيا ڏهاڙي تي ڪرائي جا ماڻهون
ٽرين مارچ جي استقبال لاءِ آندائون. اهڙو اظهار هن خانڳڙهه ۾ علي گوهر خان پاران
منعقد ڪرايل جلسي کي خطاب دوران ڪيو. هن کلندي چيو ته حيرت آهي ته ٻه هزار ڪرائي
وارن استقبالي جلوس جي ماڻهن کي ٻه ٻه سو روپيا ڏنا ويا ۽ انهن سان به دوکو ڪيائون. وزير اعظم عمران خان چيو ته
سنڌ کي 10 سالن ۾ رائلٽي جي مد ۾ 234 ارب رپيا مليا پرعوام جي حالت سڌرڻ بدران
ويتر خراب ٿي وئي آهي. هن چيو ته اهي پئسا حڪمران ڌر جي ڪجهه ماڻهن مني لانڊرنگ ۽ جعلي
بينڪ اڪائونٽس ذريعي ٻاهر موڪليا. هن چيو ته جڏهن به ڪرپٽ ماڻهن ۾ هٿ وجهندا آهيون
ته جمهوريت خطري ۾ پئجي ويندي آهي ۽ ٽرين مارچ شروع ٿي ويندا آهن.
وزير اعظم چيو ته ماضي ۾ نواز شريف ۽
آصف زرداري هڪٻئي کي چور ڪوٺيندا هئا پر اڄ پنهنجي ڪرپشن بچائڻ لاءِ گڏ ٿي رهيا آهن.
هن چيو جيڪا مرضي اٿن ڪن پر اسان کين ڪونه ڇڏينداسين. مان کين چيلينج ڪيان ٿو ته
ڊي چوڪ تي ڌرڻو هڻي ڏيکارين، اسين کين ڪنٽينر، ماني پاڻي سڀ ڪجهه ڏينداسين.
ان کان اڳ وزيراعظم ڪراچي جي ترقياتي منصوبن بابت ڪراچي ۾ اجلاس ڪيو جنهن ۾ ڪراچي
لاءِ 162 ارب رپين جي پيڪيج جي منظوري ڏني وئي. ان رقم مان ڪراچي ۾ 18پاڻي،
ٽرانسپورٽ ۽ ٻين ترجيحي منصوبن تي جلد ڪم شروع ڪيو ويندو. اهڙي منظوري هن
“ترانسفرميشن ڪاميٽي” جي اجلاس جي صدارت دوران ڏني. هن چيو ته 10 منصوبه شهر جي
ٽرانسپورٽ جي مسئلن جي حل ۽ 7 منصوبا پاڻي جي فراهمي بابت آهن. هن باغ ابن قاسم جو
دورو ڪيو ۽ وڻ به پوکيا. ان موقعي تي هن چيو ته ڪراچي ۾ اونچين عمارتن جي تعمير جي
اجازت ڏني ويندي جيئن شهر گهڻو نه ڦهلجي ۽ وڌ کان وڌ زمين تي وڻڪاري ڪري سگهجي. هن
وڌيڪ چيو ته پاڪستان موسمي تبديلين جي حوالي سان دنيا جي 10 حساس ملڪن ۾ شامل آهي.عمران
خان5 اپريل تي
حيدرآباد يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جو به اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ ڪچي آبادين جو مسئلو به
ترجيحي بنياد تي حل ڪرڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۽ سنڌ جي ترقي لاءِ هو سنڌ
حڪومت سان هر قسم جو تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ڪراچي ۾ قيام دوران هن ايم ڪيو ايم
جي وفد سان به ملاقات ڪئي. جيو نيوز موجب وزير خارجو شاهه محمود قريشي ۽ شيخ رشيد
سميت ڪجهه وفاقي وزير به ساڻس گڏ آهن. وزيراعظم “گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس” جي
اڳواڻن سان ملندو ۽ خان ڳڙهه ۾ علي گوهر خان جي دعوت تي جلسي کي به خطاب ڪندو. ياد
رهي ته وزيراعظم گذريل ڏينهن بلوچستان جي دوري تي هو ۽ هن بلوچستان لاءِ ترقياتي
منصوبن جو اعلان ڪيو هو ۽ هيلٿ ڪاملپيڪس سميت مختلف منصوبن جي پيڙهه جو پٿر به
رکيو هو.
فواد خان جي بالي ووڊ فلم “ابير گلال” جو مختصر ٽيزر جاري
عيد جي ٻئي ڏينهن به ڪينال سموارا نامنظور، احتجاج جاري
سکر بيراج تي پاڻي جي کوٽ جو 50 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو
کنڊ جي قيمت ۾ واڌ، شگر ملز مافيا ۽ حڪومتي ذميواري
پاڪستان جي ترقي سنڌ سان جڙيل آهي، وزيراعظم
صدر زرداري جي طبيعت خراب ڪراچي منتقل، اسپتال داخل
ڪرڪيٽ راند دوران جهيڙو، هڪ قتل 3 زخمي ٿي پيا
رهيل ٻئي ون ڊي ميچز پاڪستان کٽيندو، امام الحق
فوري فيصلي کان انڪار، ساٿين سان مشاورت لاءِ مهلت طلب
ميانمار زلزلو، فوتين جو انگ 2700 ٿي ويو، امداد رواني
افغان پناهگيرن کي جبري ملڪ بدر نه ڪريو، افغان وزير جي اپيل
سنڌ ۾ 3 ڏينهن موسم خشڪ ۽ گرم رهڻ جو امڪان
شاهه جي صدر سان ملاقات،سياسي مامرن تي ڳالهيون
ڪراچي واسي 4 دوست واهه ۾ ٻڏي فوت، لاش وارثن حوالي
ڪراچي ۾ ڇوڪري عمارت جي پهرين منزل تان ڪرڻ سبب زخمي
غزه جي صورتحال جو ذميوار حماس قرار
بلوچستان جي ضلعي بارکھان ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا
جرمن سائنسدانن تمام سنهي اليڪٽرڪ چمڙي ٺاهي ورتي
عثمان خان ٻئي ون ڊي ميچ کان ٻاهر ٿي ويو
’عوام ۽ جوانن جون قربانيون وطن جي تحفظ جي ضمانت آهي‘