وزيراعظم پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف تحريڪ انصاف سان ڳالهين لاءِ حڪومتي اتحاد جي ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.وزيراعظم شهباز شريف پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ حڪومتي اتحاد تي مشتمل ڳالهين واري ڪميٽي جي ميمبرن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.وزيراعظم پاران جوڙيل ڪميٽي ۾ ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله خان، سينيٽر عرفان صديقي جا نالا شامل آهن.ان کانسواءِ راجا پرويز اشرف، نويد قمر، خالد مقبول صديقي، عليم خان ۽ چوڌري سالڪ حسين به ڪميٽي ۾ شامل هوندا.اختيارين موجب وزيراعظم قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي تجويز تي حڪومتي اتحاد ڪميٽي ٺاهي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته ڳالهين ۾ قومي سلامتي ۽ قومي مفاد کي اوليت ڏني ويندي.وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پاڪستان آهي ته اسپيڪر آهيون، قومي اسيمبلي جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو.گذريل رات پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي درخواست ڪئي ته هو ڳالهين لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، بئريسٽر گوهر پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي آڇ تي زور ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو