وزيرستان ۾ هيليڪاپٽر ڪري تباه،6 اجل جو شڪار

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)اتر وزيرستان ۾ چارٽرڊ هيلي ڪاپٽر ايم آءِ 8 ڪري تباهه ٿي ويو. ماڙي پيٽروليم طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اتر وزيرستان ۾ ماري پيٽروليم جو چارٽرڊ هيلي ڪاپٽر ايم آءِ 8 ڪري تباهه ٿي ويو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته هيلي ڪاپٽر ۾ 3 روسي پائليٽن سميت 14 مسافر سوار هئا، شروعاتي اطلاعن موجب هيلي ڪاپٽر ۾ سوار 6 ڄڻا فوت ۽ 8 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. ماڙي پيٽروليم جي ترجمان موجب هيلي ڪاپٽر اتر وزيرستان ۾ اڏام دوران آئل فيلڊ ويجهو ڪري تباهه ٿي ويو، هيلي ڪاپٽر فني خرابي سبب پيش آيو.ماڙي پيٽروليم جي ترجمان چيو ته حادثي جو علائقي ۾ سڪيورٽي صورتحال يا دهشتگردي سان ڪو به تعلق ناهي، هيلي ڪاپٽر شيوا وزيرستان بلاڪ ۾ ذاتي ٽرانسپورٽ ڏئي رهيو هو. ماڙي پيٽروليم جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج ۽ ٻين ادارن جون امدادي ڪارروايون جاري آهن، زخمين کي سي ايم ايڇ ٺل منتقل ڪيو ويو آهي، زخمين کي هيلي ڪاپٽر ذريعي ٿل مان منتقل ڪيو پيو وڃي.ذريعن جو چوڻ آهي ته هيلي ڪاپٽر ٽيڪ آف دوران فني خرابي پيش آئي، ايمرجنسي لينڊنگ ڪندي هيلي ڪاپٽر جو ٹیل روٽر زمين سان ٽڪرائجي ويو، حادثي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو