اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وفاقي وزير مسلسل ٻئي ڏينهن به غير حاضر رهيا، جنهن تي اپوزيشن ليڊر عمر ايوب سخت تنقيد ڪئي، جڏهن ته ڊپٽي اسپيڪر اجلاس ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ايوان اهڙي طرح نه هلندو، جيڪڏهن وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي ويندي. ايندڙ هفتي گهر نه هلندو.قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، اجلاس ۾ وزيرن ۽ پارلياماني سيڪريٽري جي غير حاضري تي مخالف ڌر سميت حڪومتي اتحاد جا ميمبر به ناراض ٿي ويا.اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر وزيرن جي غير حاضري تي اعتراض اٿاريو ۽ چيو ته سوالن جو وقفو هلي رهيو آهي ۽ سڄو ايوان خالي آهي، ڪو وزير موجود ناهي، اهو مذمت جوڳو آهي، اجلاس 5 منٽن لاءِ ملتوي ڪيو ويو،ڊپٽي اسپيڪر چيو ته ڪالهه به وزيرن جي حاضري جو سوال ئي نه هو، پ پ جي ميمبر قومي اسيمبلي آغا رفيع الله چيو ته اسان جي عزت جو خيال رکو ۽ وزيرن جي اچڻ تائين اجلاس جي ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي.ڊپٽي اسپيڪر اجلاس جي ڪارروائي ۾ 15 منٽن جو وقفو ورتو، جڏهن قومي اسيمبلي جو اجلاس ٻيهر شروع ٿيو ته پ پ اڳواڻ سيد نويد قمر به وزيرن جي غير حاضري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.ڊپٽي اسپيڪر خطاب ڪندي چيو ته ڪابينا مجموعي طور تي اسيمبلي جي ذميواري آهي، وزيرن جو آئيني فرض آهي ته هو ايوان ۾ موجود هجن، اوهان کان سخت حڪمراني ٿيڻ گهرجي.ڊپٽي اسپيڪر چيو ته ڪالهه به حڪم ڏنو هو ته وزيراعظم کي لکنداسين، حڪومت سنجيده ناهي، اهڙي ريت ايوان نه هلندو، قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ جمعي ڏينهن 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.
توشه خانا ڪيس 2، پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي تي فرد جرم لاڳو
وزيرن جي غير حاضري، ڊپٽي اسپيڪر پاران ايوان نه هلائڻ جو اعلان
سنڌ جي 5 ضلعن جا ڊي سي ۽ اهم عهدن تي مقرر آفيسر تبديل
جيڪو فوج ۾ ناهي، ان تي فوج جا ضابطا ڪيئن ٿا لاڳو ڪري سگهجن؟
گڏيل قومن مان غزا ۾ فوري جنگ بندي جو ٺهراءَ منظور
پاڪستان سيڙپڪاري جي حوالي سان دنيا جو بهترين ملڪ آهي
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي برقرار، انڊيڪس هڪ لک 14 هزار جي حد پار
ملڪ مان دهشتگردي ختم ڪرڻ ۾ پاڪ فوج جو اهم ڪردار آهي
جيڪب آباد واسي فوجي جوان دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد
لولائي شاخ وٽ مقابلو ، هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار
سنڌڙيءَ ۾ گيس ليڪيج سبب سڙي زخمي ٿيل نوجوان فوت
بازئي فيصلو ڪالعدم، صاحب جو حڪم آيو ڪميشن ڪري ڇڏيو
صدر زرداري سان چيني واپاري وفد جي ملاقات،سيڙپڪاري بابت ڳالهيون
توشه خانه 2، ايف آءِ اي بشريٰ جي ضمانت رد ڪرائڻ ۾ ناڪام
نقوي سان خٽڪ جي ملاقات،گڏيل مامرن تي ڳالهيون
شام جي خودمختياري جو احترام ڪرڻي گهرجي: ممتاز بلوچ
”سڀن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان“ ، سلمان اڪرم
پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ جو فيصلو
26هين آئيني ترميم سياسي بحران ۾ واڌپئي ڪري: لياقت بلوچ
بلوچستان ۾ ٽريفڪ حادثي جي نتيجي ۾ 5 ڀينرون اجل جو شڪار