اسلام آباد: (بيورو رپورٽ)وفاقي سرڪار عيدالفطر جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي سرڪار طرفان عيدالفطر تي 3 موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي جيڪي سومر 31 مارڇ کان اربع 2 اپريل تائين هونديون. ڪابينه ڊويزن سرڪاري موڪلن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي پر صوبن طرفان هينئر تائين عيد جي موڪلن جو اعلان به نه ڪيو ويو آهي.آچر جي هفتيوار موڪل ملائي موڪلن جو گڏيل انگ 4 ٿي ويندو جڏهن ته اهڙن ادارن ۾ جن ۾ ڇنڇر تي به موڪل هوندي آهي اتي موڪلن جو انگ 5 ٿي ويو.
