وفاقي سرڪار پاران وڏي وزير علي امين گنڊا پور جا الزام رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي سرڪار خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور جا الزام رد ڪري ڇڏيا، عطا تارڙ جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ وارن 9 مئي ۽ 26 نومبر واقعن لاءِ ماڻهن کي استعمال ڪيو، پرڏيهي ميڊيا کي گمراهه ڪندڙ بريفنگ جو حقيقت سان ڪو به تعلق ناهي، علي امين گنڊا پور کي مظاهرن ۽ ڌرڻن کانسواءِ ٻيو ڪو به ڪم ناهي، قوم نو مئي جي واقعن کي ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته ڪي پي جي وڏي وزير جي الزامن بابت قوم کي حقيقت کان آگاهه ڪرڻ ضروري آهي، علي امين گنڊاپور جا الزام ڪوڙ ۽ ڏڦيڙ تي ٻڌل آهن. سندس چوڻ هو ته پرڏيهي ميڊيا کي ڪي پي ۾ گهرائي گمراهه ڪندڙ بريفنگ ڏني وئي، جنهن جو حقيقت سان ڪو به تعلق ناهي، حقيقت عوام جي علم ۾ هئڻ گهرجي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته شر پسندي ۽ ملڪ دشمني کي کـُلِي ڪري سامهون اچڻ گهرجي، ڀڀڪيون هڻڻ، ڌمڪيون ڏيڻ ۽ الزامن لڳائڻ جو سلسلو هنن جي عادت آهي. هن چيو ته 2014ع ۾ هنن پي ٽي وي تي حملو ڪيو، قانون لاڳو ڪندڙ جوانن کي نشانو بڻايو، هي ماڻهن کي تشدد لاءِ ڀڙڪائي ڀڄي ويندا آهن، علي امين گنڊاپور چيو ته ايندڙ ڪال پرامن نه هوندي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير سوال ڪندي چيو ته ان کان اڳ ڪهڙو احتجاج پرامن هو؟، احتجاج ۽ ڌرڻن کانسواءِ اوهان کي ڪو ڪم ناهي، اوهان پهريان 12 سئو لاشن جو ڪوڙ ڳالهايو، آرٽيفيشن انٽيليجنس ذريعي جعلي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي. عطا تارڙ چيو ته بشريٰ بي بي پنهنجي ڪارڪنن کي ڊي چوڪ تي اڪيلو ڇڏي ڇو ڀڄي وئي؟، اوهان سياسي، اخلاقي ۽ انتظامي طور تي ناڪام آهيو. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاتارڙ چيو ته پي ٽي آءِ وارن 9 مئي ۽ 26 نومبر واقعن لاءِ ماڻهن کي استعمال ڪيو، قوم نو مئي جي واقعن کي ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهي، سوشل ميڊيا تي تحريڪ انصاف وارا ادارن خلاف پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن

پهنجو تبصرو موڪليو