اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي صدارت هيٺ اڄ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيڻو هو، پر اهو ملتوي ڪيو ويو آهي ۽ سڀاڻي ٿيندو.ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ صبح 11 وڳي طلب ڪيو ويو هو، ڪابينا جي اجلاس ۾ 12 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو هو، جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال شامل هئي.
