وفاق دهشتگردي ماري تي مدد ڪرڻ بدران فنڊ بند ڪري ڇڏيا،سيف

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته وفاقي حڪومت کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سياسي بيان بازي کان پاسو ڪرڻ گهرجي، وفاقي حڪومت مدد ڏيڻ بدران صوبي جا فنڊ روڪي ڇڏيا آهن.بئريسٽر محمد علي سيف پنهنجي بيان ۾ چيو ته دهشتگردي صوبائي نه پر قومي مسئلو آهي، صوبي کي معاشي طور تي ڪمزور ڪرڻ دهشتگردي کي فروغ ڏيڻ جي برابر آهي.هن وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخواهه پوليس بهادري سان دهشتگردن سان وڙهي رهي آهي، گذريل 3 ڏينهن ۾ پوليس ڪيترائي دهشتگرد حملا ناڪام بڻائي ڇڏيا آهن.بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته بنون ۽ لڪي مروت ۾ ماڻهن پوليس سان گڏجي دهشتگرد حملن کي ناڪام بڻايو آهي. خيبرپختونخوا حڪومت پوليس ۽ عوام کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.بئريسٽر سيف چيو ته عوام ۽ پوليس دهشتگردي خلاف جنگ ۾ متحد آهن، عوام جي تعاون کانسواءِ شر پسند عنصرن جو خاتمو ممڪن ناهي.انهن جو چوڻ آهي ته اين ايف سي ايوارڊ کي ان مطابق ورهايو نه پيو وڃي، ۽ نيٽ بجلي جي منافعي جي 2000 ارب رپين جي بقايا ادا نه ٿي رهيا آهن.بئريسٽر محمد علي سيف اهو به چيو ته فاٽا جي ضم ٿيڻ کان پوءِ خيبرپختونخواهه جي آبادي وڌي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو