پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته وفاقي حڪومت کي افغانستان سان ڳالهين لاءِ خيبرپختونخواه حڪومت جي ٽي او آرز کي جلد منظور ڪرڻ گهرجي.خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت کي ٽي او آرز جي منظوري ۾ وڌيڪ دير کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته صوبائي حڪومت هنگامي بنيادن تي هڪ وفد افغانستان موڪلڻ چاهي ٿي.هن چيو آهي ته ماڻهن جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪي پي حڪومت جي اولين ترجيح ۽ ذميواري آهي.بئريسٽر سيف وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن وفاق کي پنجاب ۽ سنڌ جي وڏن وزيرن جي پرڏيهي دورن تي ڪو اعتراض ناهي ته پوءِ وفاق کي هن اهم مسئلي تي سياست ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
