وفاق، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جو تماشو پيو ڏسي: سيف

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر سيف چيو آهي ته وفاقي حڪومت خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ صرف دهشتگردي جو تماشو ڏسي رهي آهي.هن چيو ته خيبر پختونخواهه دهشتگردي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر صوبو آهي.بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ خراب حڪمراني دهشتگردي جي پکيڙ جو سبب بڻجي رهي آهي.هو وڌيڪ چوي ٿو ته وفاق فنڊ روڪي ڪري ڪي پي ۾ خراب حڪمراني کي فروغ ڏيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي.بئريسٽر سيف اهو به چيو ته وفاقي حڪومت جي دهشتگردي خلاف خيبرپختونخواه جي مدد ڪرڻ ۾ ناڪامي بي حسي جي انتها آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو