وقار يونس جلد بالنگ ڪوچ جو عهدو ڇڏي ڏيندو؟

لاهور(ويب ڊيسڪ)موڪل تي ويندڙ وقار يونس بابت جلد بالنگ ڪوچ جو عهدو ڇڏڻ جون ڳالهيون گردش ڪرڻ لڳيون.اڳوڻو ڪپتان زال جي سرجري کي نظر ۾ رکندي زمابوي جو دورو ڇڏي آسٽريليا وڃي رهيو آهي، هو پي ايس ايل دوران واپس ايندو، اهڙين حالتن ۾ اهي ڳالهيون گردش ۾ آهن ته شايد هو بالنگ ڪوچ جو عهدو ڇڏي رهيو آهي.هڪ پرڏيهي نيوز ايجنسي جي رپورٽ موجب وقار يونس جي ويجهن ذريعن ٻڌايو آهي ته اڳوڻو ڪپتان ٿڪاوٽ جو شڪار ۽ پنهنجي فيملي جي کوٽ کي محسوس ڪري رهيو آهي، ياد رهي ته وقار يونس 10 مهينن کان مصروف آهي، ٻيا ڪرڪيٽر ته پاڪستان واپسي تي پنهنجي ڪٽنب سان وڃي ملندا آهن پر بالنگ ڪوچ جي فيملي آسٽريليا ۾ هجڻ ڪري هو اوڏانهن نه وڃي سگهندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو