لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه جي امن امان تي خاص ڌيان ڏيڻ ۽ قومي معاملن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ کي اڻٽر قرار ڏئي ڇڏيو.لاهور ۾ گورنر هائوس پنجاب ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه جي صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته سڄي قوم ۽ سڀني جماعتن کي دهشتگردن سان مقابلي لاءِ متحد ٿيڻو پوندو. هن چيو ته سڀني جماعتن کي ملڪ ۽ قوم لاءِ هڪ هنڌ گڏ ٿيڻو پوندو، اپوزيشن کي سياست ڪرڻي آهي ته عوامي ايشوز تي ڳالهائي، ڇو ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته ملڪي مفادن لاءِ اجتماعي فيصلا ڪيا وڃن. سندس چوڻ هو ته اسان کي بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.
